ڪراچي: سنڌ ڪابينا توانائي واري وزير امتياز شيخ کي سنڌ پيٽروليم پرائيويٽ ليميٽڊ جو چيئرمين  مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، ساڳئي ريت آبپاشي واري وزير ڄام خان شورو کي سنڌ ايريگيشن اينڊ ڊرينيج اٿارٽي (سيڊا) ۽ انساني حقن جي پرچارڪ  اقبال ڏيٿو کي سنڌ هيومن رائيٽس ڪميشن جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته نياز سومرو کي ملير ايڪسپريس وي رٿا مڪمل ٿيڻ تائين پي ڊي برقرار رکڻ جي منظوري ڏني وئي. ڪابينا اعجاز خانزادي ۽ محمد عارف مٺاڻي کي ڊرگ ڪورٽس جو ميمبر بڻائڻ جو پڻ فيصلو ڪيو.اجلاس ۾ دادو جي ضلعي اسپتال جا انتظام لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ڄامشوري حوالي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو،  صحت کاتي جي سفارش تي دادو واري اسپتال جو انتظامي ۽ مالياتي ڪنٽرول ۽ ايس اين اي لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ڄامشوري حوالي ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. ڪابينا صحت کاتي کي هدايت ڪئي ته دادو واسين کي  صحت جي سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي. ڪابينا اسپتال لاءِ 1.2 ارب رپين جا فنڊ جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني ته جيئن اسپتال صحيح نموني  ڪم شروع ڪري سگهي. ٻئي طرف سنڌ ڪابينا رمضان جي مقدس مهيني ۾ عام واهپي جي شين جي قيمتن تي ڪنٽرول ڪرڻ ۽ ذخيرا اندوزي روڪڻ  لاءِ بيورو آف سپلاءَ اينڊ پرائس ڪنٽرل، روينيو، زراعت ۽ ليبر کاتن   جي مختلف آفيسرن کي انسپيڪٽر پرائسز جا اختيار ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، سنڌ سطح تي بيورو جي  ڊائريڪٽر جنرل، ڊويزن سطح تي ايڊيشنل ڪمشنر-I ۽ II ، بيورو جي ڊائريڪٽر، ڊپٽي ڊائريڪٽرز ۽ اسسٽنٽ ڊائريڪٽرز، زراعت کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر۽ ايڊيشنل ڊائريڪٽرز، ليبر کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽرن کي اختيار ڏنا ويا