حيدرآباد / ڪوٽڙي(نمائندا) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ ڄامشورو جي ضلعي انتظاميا پاران ٻوڏ متاثرين ۾ ورهايل فنڊن جي جاچ لاءِ ايندڙ ٻڌڻي تي نيب پراسيڪيوٽر کي پيش ٿي جاچ بابت حڪمت عملي کان آگاهه ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. گڏوگڏ عدالت 13 سيپٽمبر تي ڊي سي ڄامشورو کي پيش ٿيڻ جو به حڪم ڏنو. ڄامشورو واسي وڪيل ثناءُ الله ڀنگر درخواست داخل ڪرائيندي ڄاڻايو ته ضلعي انتظاميا کي ٻوڏ متاثرين جي مالي سهائتا ۽ رليف جي ڪمن لاءِ سنڌ سرڪار ڪروڙين رپيا رقم جاري ڪئي آهي جڏهن ته سنڌ توڙي بلوچستان سان تعلق رکندڙ هزارين ٻوڏ متاثرين اچي ڄامشورو ۾ پناهه ورتي پر انتظاميا وڏي پئماني تي فنڊ ملڻ باوجود کين بي يارو مددگار ڇڏي ڏنو آهي. ٻڌڻي دوران عدالت ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل کان پڇاڻو ڪيو ته گذريل ٻڌڻي تي ڊپٽي ڪمشنر کي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو هو پر اهو ڇو ناهي پيش ٿيو؟ ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل محمد اسماعيل ڀٽو عدالت کي آگاهي ڏني ته ڊي سي ايمرجنسي سبب تمام گهڻو مصروف آهي ان ڪري اي ڊي سي پيش ٿيو آهي. پٽيشنر جي وڪيل راجا جواد علي ساهڙ عدالت کي آگاهي ڏني ته ڊپٽي ڪمشنر لاڳيتو 6 سالن کان مقرر ٿيل آهي. هن جيڪي هيستائين ترقياتي ڪم ڪرايا آهن يا سندس اثاثا آهن ان جي جاچ نيب کان ڪرائي وڃي. اي ڊي سي ٽو احمر آفتاب عدالت کي آگاهي ڏني ته عدالت پاران طلب ڪرڻ تي انهن پنهنجي رپورٽ پيش ڪئي آهي تنهن تي عدالت کيس ڇنڊ پٽيندي چيو ته اوهان جيڪا رپورٽ پيش ڪئي آهي اها رڳو ڪاغذن تائين محدود آهي. عدالت رمارڪس ڏنا ته ڊپٽي ڪمشنر ڇو نه ٿو اچي، عدالت کان مٿانهون ڪير به ناهي ان لاءِ کيس پيش ٿي جواب ڏيڻو پوندو. عدالت ڪوٽڙي جي ڊي ايس پي رياض ملڪ کي پابند بڻايو ته هو ٻين ضلعن مان ايندڙ ٻوڏ متاثرين کي تنگ ڪرڻ کان پاسو ڪن. عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد 13 سيپٽمبر تي ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو ۽ نيب پراسيڪيوٽر کي 11 وڳي پيش ٿي جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏنو.