ڄامشورو(رپورٽر) ڄامشورو ٽائون ڪميٽي انتظاميا پاران سم نالي کي ڪٽ هڻي گندو پاڻي غريب آباد ڪالوني طرف ڇوڙ ڪرڻ واري عمل خلاف رهواسين ريلي ڪڍي حيدرآباد_ ڄامشورو روڊ تي رڪاوٽون وجهي ڌرڻو هنيو، ڌرڻي سبب روڊ جي ٻنهي پاسن کان گاڏين جون قطارون لڳي ويون، مظاهرين ضلعي ۽ ٽائون ڪميٽي انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪندي ڪٽ بند ڪري پاڻي ڪي بي فيڊر ۾ ڇوڙ ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. ان موقعي تي احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙن محمد سچل چانڊيو، عاشق سهارڻ، رمضان چانڊيو ۽ ٻين جو چوڻ هو ته ٽائون ڪميٽي جي ايڊمنسٽريٽر اصغر ڀنڊ جي هدايتن تي عملي رات جو دير سان سم نالي کي ڪٽ هڻي گندو پاڻي غريب آباد طرف ڇوڙ ڪري ڇڏيو، جنهنڪري اسان جي گهرن ۾ گوڏي جيڏو پاڻي بيهجي ويو آهي، اسان پنهنجي مدد پاڻ تحت ڪٽ کي بند ڪيو آهي پر ان باوجود پاڻي گهرن طرف وڌي رهيو آهي. هنن چيو ته سم نالي کي ڪٽ هڻندڙن خلاف ڪارروائي ڪري ڪٽ کي بند ڪري سم نالي جو گندو پاڻي ڪي بي فيڊر ۾ ڇوڙ ڪري گهرن کي تباهه ٿيڻ کان بچايو وڃي.