ڄامشورو(رپورٽر)ڄامشوري ۾خانگي دوا ساز ڪمپني جي خانگي ٽرانسپورٽر ملڪ آصف مقامي زميندار محمد عثمان راڄڙ ۽ سندس پٽن مٿان دهشتگردي جو ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو آهي. جنهن خلاف ڳوٺاڻن سخت احتجاج ڪيو. عرفان علي راڄڙ ديدار علي راڄڙ اشتياق راڄڙ خان محمد کوسو ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو آھي ته جي ايس ڪي ڪمپني جي پرائيوٽ ٽراسپورٽ انچارج ملڪ آصف مقامي ڳوٺاڻن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي،پوليس کي وڏي رشوت ڏئي ڄامشورو پوليس  ڪمپني ۽ ٽرانسپورٽر جي ونگارو بڻجي مقامي زميندار ۽ سندس پنجن پٽن مٿان دهشتگردي جو  ڄامشورو ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪري محمد عثمان راڄڙ کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو آھي احتجاج ڪندڙ ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته ملٽي نيشنل ڪمپني ”جي ايس ڪي”جي انتظاميه ۽ ٽرانسپورٽر ملڪ آصف پنهنجي ڏاڍ جو استعمال ڪندي اسان جي ذاتي زمين مان ڳوٺ واري رستي تان ڪمپني جا وڏا ٽيلر ۽ ٽرڪون مزدا گاڏيون ڪراس ڪرائي رهيا آھن اسان جو ڳوٺ آھي ڪچو رستي تي وڏيون ڳاڏيون گذري رهيون آھن جن تي اسان عتراض واريو ته ايس ايڇ او ڄامشورو ملڪ آصف ٽرانسپورٽر ۽ جي ايس ڪي ڪمپني کان ڳري رشوت وٺي اسان جا ويري بڻجي ويا آهن.اختياريون نوٽيس وٺن.