ڄامشورو(رپورٽر) ڄامشورو شھر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ گذريل ڪيترن ڏينهن کان بدامني جاري آهي. گذريل ڏينهن ڄامشورو شھر جي مدينا نگر مان نوجوان سمير سمون جي موٽر چوري، نجي ڪمپني جي ٻن سيلز مين کان الڳ الڳ هنڌن تي ٿيل ڦر واقعن توڙي چوري جي ٻن ٿيل واقعن خلاف ڄامشورو شھر جا نوجوان رستن تي نڪري آيا. نوجوان سڄاڳ تحريڪ جي سڏ تي نوجوانن ڪورٽ چوڪ کان ڄامشورو پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي، جنهن جي اڳواڻي رضوان چانڊيو، حاڪم ملاح، ظفر سمون، خان قمبراڻي، دائود پنهيار، سجاد شاهه، رضوان ڏاهاڻي ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا. اڳواڻن چيو ته ڪجھه عرصي کان ڄامشورو شھر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ هٿ وٺي بدامني پيدا ڪئي وئي آهي، چوريون، ڦرون ۽ ڌاڙا روز جو معمول بڻيل آھن، هنن آءِ جي سنڌ پوليس، ڊي آءِ جي حيدرآباد، ايس ايس پي ڄامشورو ۽ چونڊيل نمائندن کان مطالبو ڪيو ته ڄامشورو شھر ۽ ڀرپاسي ۾ وڌندڙ بدامني ختم ڪئي وڃي،