ڄامشورو(رپورٽر) ڄامشورو ٽائون ڪاميٽي ۽ ضلعي انتظاميا جي نا اهلي سبب شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن مان برسات جو پاڻي اڃا تائين نيڪال نه ٿي سگهيو آهي، جنهن خلاف مختلف هنڌن تي رهواسين احتجاجي مظاهرا ڪري سپر هاءِ وي ۽ حيدرآباد_ ڄامشورو روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، ڌرڻن دوران مظاهرين، مسافرن ۽ پوليس اهلڪارن وچ ۾ چڪريون ٿينديون رهيون. سينڊوز روڊ، بلوچ ڪالوني، حسين آباد، سيوهاڻي محلو، بسم الله ڪالوني، غريب آباد ڪالوني، چانڊيا پاڙي، نور شاهه ڪالوني، عبدالله چاوڙا ڳوٺ، مدينا نگر برساتي پاڻي جي گهيري ۾ آهن، جنهنڪري اڌ ڊزن کان وڌيڪ خانگي ۽ سرڪاري اسڪول برسات جي پاڻي ۾ ٻڏل آهن. ٻئي طرف برسات جو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ تي سينڊوز روڊ جي رهواسين ۽ روڊ تي قائم شاهه لطيف پبلڪ اسڪول جي شاگردن طرفان الڳ الڳ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا آهن، ڄامشورو اتحاد جي ڪائونسلر جي اميدوار عبدالصمد پٺاڻ، ايس يو پي اڳواڻ اسماعیل چانڊيو، سينڊوز روڊ جدوجهد ڪميٽي جي اڳواڻ علي داد شاهاڻي، غلام شبير چانڊيو، محمد اسحاق تنيو، محمد رمضان ناريجو، حاجي محمد سومر رودناڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪيل احتجاج ۾ شريڪ ماڻهو ڄامشورو ضلعي جي ڊپٽي ڪمشنر،  اي سي ڄامشورو، مختيار ڪار ڪوٽڙي، ڄامشورو ٽائون ڪميٽي جي ايڊمنسٽريٽر ۽ ٻين ذميوارن نعرا هنيا. ٻئي طرف ڳوٺ سائين ڏنو ملاح جي رهواسين برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف ڄامشورو_ حيدرآباد روڊ بلاڪ ڪيو ويو. خانپور موڙ لڳ سپر هاءِ وي تي ڳوٺ جان محمد شورو ۽ ڳوٺ احمد شورو جي رهواسين برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ۽ واھر نه ٿيڻ خلاف آصف شورو، شوڪت شورو ۽ ساگر عالماڻي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو،  مظاهرين جو چوڻ هو ته ڏيڍ مھينو گذرڻ باوجود اسان جي علائقن مان برساتي پاڻي نيڪال ناهي ٿيو. مڇرن ۽ جيتن جو آزار آهي، جنهن ڪري مختلف بيمارين ڪر کنيو آهي. ڊي سي رٽائرڊ ڪيپٽن فريد الدين مصطفيٰ ۽ ٽائون ڪميٽي جو ايڊمنسٽريٽر اصغر ڀنڊ فوٽو سيشن ۾ مصروف آهن، پاڻي نيڪال نه ٿيو ته احتجاجن جو سلسلو جاري رهندو.