ڄامشورو(رپورٽر) گذريل ڏينهن انڊس هائي وي تان هٿيارن جي زور تي اغوا ٿي ويل ناري ڪومل زر بي بي کي ڄامشورو پوليس المنظر وٽان ناڪابندي ڪري بازياب ڪرائڻ جي دعوي ڪئي آهي، ايس ايس پي ڄامشورو عمران قريشي جي ترجمان حفيظ پنهور مطابق ناري کي بازيابي ڪرايو ويو آهي، ترجمان موجب پوليس اغوا ٿيل ناري کي بازياب ڪرائي هڪ ڄڻي واحد بخش کوکر کي گرفتار ڪري ورتو آهي، ترجمان اهيو به ڄاڻايو ته ڪاروائي دوران مک جوابدار فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن،ٻي طرف ذريعن جو چوڻ آهي ته ناري جي اغوا واقعي جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد پوليس جي اعلي عملدارن ايس ايڇ او ڄامشورو مظهر نائچ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو جنهن بعد ايس ايڇ او کوکر برادري تي راڄوڻي دٻاء وجهي ناري کي واپس ڪرائي ورتو آهي، پوليس جوابدار ڌر سان راڄوڻي طور مک جوابدار ضمير کوکر ۽ امير کوکر جي گرفتاري جو پڻ مطالبو ڪيو ويو پر کين عيوضي ۾ واحد بخش کوکر کي پيش ڪيو ويو، ڄاڻايل ناري زر بيبي ٻيو ڀيرو اغوا بعد بازياب ٿي چڪي پر پوليس مک جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، ناري جي معاملي تي بروهي، کوکر، پنهور ۽ مهيسر ۾ جهيڙا پڻ ٿي چڪا آهن، گذريل ڏينهن به جوابدارن حملو ڪري ناري جي ڀاءُ فياض بروهي کي گوليون هڻي زخمي ڪرڻ بعد ناري کي زبردستي اغوا ڪري ويا، سڄو معاملو هن وقت تائين ڳجهارت بڻيل آهي، جنهن کي پوليس ڀڃڻ ۾ مڪمل طور ناڪام وئي آهي. انڊس هاءِ وي تان سري عام هٿيارن جي زور تي ناري جي معاملي تي سڄاڻ ڌرين ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.