ڄامشورو ۾ گھر اندر عورت جو گھٽا ڏنل لاش هٿ

0
242
ڄامشورو ۾ گھر اندر عورت جو گھٽا ڏنل لاش هٿ
ڄامشورو ۾ گھر اندر عورت جو گھٽا ڏنل لاش هٿ

ڄامشورو(ن پ ا) ڄامشورو جي سينڊوز واري علائقي ۾ هڪ گھر اندر عورت جو گھٽا ڏنل ۽ تشدد ٿيل لاش هٿ آيو آهي، جنهن جي سڃاڻپ 50 سالا انور خاتون زال ربنواز ملاح طور ٿي

پوليس جو چوڻ آهي ته گھر اندر انور خاتون ۽ سندس مڙس ربنواز اڪيلا رهندا هئا، قتل ٿيل عورت جو مڙس کير کپائڻ لاءِ گھران نڪتو ۽ واپس آيو ته سندس زال قتل ٿيل هئي

پوليس جو چوڻ آهي ته لاش اسپتال منتقل ڪري پوسٽ مارٽم ڪرايو ويندو ۽ واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي