ڄامشورو(رپورٽر) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي انسٽيٽيوٽ آف آرٽ اينڊ ڊيزائن جي شاگردن جي فن پارن جي نمائش جي شروعات ڪئي وئي آهي جنهن ۾ فن سان چاهه رکندڙ شاگردن ۽ ٻين مهمانن سميت وڏي تعداد ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي. نمائش ۾ فنڪارن ننڍي مجسمه سازي، پينٽنگ، فوٽوگرافي ۽ پرنٽ ميڪنگ جهڙن مختلف ذريعن جو استعمال ڪيو،نمائش ۾ باصلاحيات فنڪارن فائين آرٽ، ٽيڪسٽائيل ڊيزائين ۽ ڪميونيڪيشن ڊيزائين جي تخليقي ڪمن کي نمائش لاءِ رکيو ويو انسٽيٽيوٽ آف آرٽ اينڊ ڊيزائين جي ٽن شعبن ڪميونيڪيشن ڊيزائين، فائين آرٽ ۽ ٽيڪسٽائيل ڊيزائين جي شاگردن ٿيسز جا اهڙا پراجيڪٽ نمائش لاءِ پيش ڪيا، جن بابت هنن پهرئين سيمسٽر ۾ پڙهيو ۽ سکيو ۽ پنهنجي صلاحيتن سان آرٽ ورڪ تيار ڪيو. هنن پنهنجي تخليقي ڪم ۾ حقيقي زندگيءَ جي منفرد موضوعن کي سامهون آندو شاگردن انسانن ۽ ٻي مخلوق بابت جديد ذريعن جو استعمال ڪندي پنهنجي تخليقي صلاحيتن جو مظاهرو ڪيو ۽ سماجي مسئلن توڙي عورتن ۽ سماج جي ٻين طبقن کي پيش ايندڙ مسئلن کي اجاگر ڪيو. فنڪارن سماجي، سياسي ۽ جاگرافيائي مسئلن کي اجاگر ڪندي مختلف موضوعن جي کوج ڪئي ۽ جديد آرٽ ذريعي پنهنجي ڪهاڻين ۽ ذاتي سفر جو اظهار ڪندي پنهنجي تخليقي صلاحيتن جو مظاهرو ڪرڻ لاءِ ننڍي پينٽنگ، پرنٽ ميڪنگ ۽ مجسمه سازي سميت مختلف ٽيڪنڪس جو استعمال ڪيو. ان موقعي تي خطاب ڪندي آرٽس فئڪلٽي جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر محمد خان سانگي شاگردن کي نوان ۽ جديد آئيڊياز ڏيڻ ۽ پنهنجي ٿيسز پيش ڪرڻ تي ساراهيو. هن استادن جي رهنمائي ۽ فن توڙي سندن ڄاڻ جي به تعريف ڪئي جڏهن ته نمائش 26 مئي 2023ع تائين جاري رهندي.