ڄامشورو: ميڊيڪل يونيورسٽين لاءِ پري انٽري ٽيسٽ ورتي پئي وڃي

0
240

ڄامشورو (ن پ ا) سنڌ جي ميڊيڪل يونيورسٽين لاءِ پري انٽري ٽيسٽ اڄ ورتي پئي وڃي، ڪراچي ۽ خيرپور ميرس ۾ ٻه ٻه، ڄامشورو ۽ نوابشاهه ۾ هڪ هڪ سينٽر قائم ڪيا ويا آهن

لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ڄامشورو ۾ قائم سينٽر ۾ 15408 شاگرد ۽ شاگردياڻيون اميدوار حصو وٺي رهيون آهن

لمس جي 329 ايم بي بي ايس، 88 بي ڊي ايس، ۽ بلاول ميڊيڪل ڪاليج جي 100 سيٽن لاءِ امتحان ورتا پيا وڃن، جنهن لاءِ وڏي تعداد ۾ شاگرد ۽ شاگردياڻيون ٽيسٽ ڏيڻ لاءِ امتحاني سينٽرن تي پهچي ويا

ٽيسٽ دوران سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا، رينجرس ۽ پوليس جا اھلڪار مقرر ڪيا ويا آهن