ڀٽ شاهه (ن پ ا) ڀٽ شاھ ۾ شھر جي  پير محلي جي رھواسين پاران گذريل 5 ڏينھن کان خراب ٿيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف حيسڪو آفيس آڏو احتجاج ڪري نعريبازي ڪئي وئي، سيد شفقت شاھ ، علي شير مگسي، لطيف ڏنو ڀٽي ۽  ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪندي رھواسين چيو ته مسلسل 5 ڏينھن کان ٽرانسفارمر خراب پيل آھي. اسين سخت تڪليفن ۾ آھيون شڪايتن باوجود حيسڪو عملدار ٻڌڻ لاء تيار آھن سموري محلي جي 5 ڏينھن کان بجلي بند آھي ايس ڊي او واپڊا ملڻ لاء تيار نه آھي آفيس ۾ شڪايت کڻي آياسين ڪير ٻڌي ئي نٿو. محلي جا رھواسي سخت پريشان آھن پيئڻ لاء پاڻي ب، نه آھي نااھل ايس ڊي او واپڊا کي ھٽائي فوري طور تي ٽرانسفارمر رھواسين کي پريشاني کان بچايووڃي.