ڀٽ شاھ (ن پ ا) ڀٽ شاھ ۾  گٽر نالا ابتا وھڻ لڳا آھن،  جڏهن ته گھرن مان برساتي پاڻي به نيڪال نه ٿي سگهيو آهي،  شھر جي مک دنبورا چوڪ، ٽنڊو آدم روڊ،  ڪراڙ ڍنڍ، پير محلي، پراڻو ملاکڙا گرائونڊ، ھنرمند ڪالوني، لطيف ڪالوني ۽ ٻين علائقن ۾ گندو پاڻي بيٺل آهي، جنهن سبب رهواسين کي اچ وڃ ۾ سخت ڏکيائيون آهن، ان حوالي سان شهرين  ڊاڪٽر اياز علي چنڊ، رستم علي چوھاڻ، سريش ڪمار،  حيدر علي ڀٽي ۽ ٻين دانيهندي چيو ته علائقا برساتي ۽ گٽرن جي پاڻي ۾ ٻڏل آهن پر انتظاميا ڪي به قدم ناهن کنيا، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي.