ڀٽ شاھ  (ن پ ا) ڀٽ شاھ ۾ پڙي ٽيڪس نالي تي دڪاندارن ، اسٽالن ۽ ريڙھن کان روزاني غيرقانوني 50 رپيا اوڳاڙي شروع ڪئي وئي آھي ، جنھن ڪري دڪاندار ۽ ريڙھن تي پنھنجي ٻچن جو گذر سفر ڪندڙ مزدور طبقو پريشانين ۾ مبتلا ٿي ويو آھي، شھرين امير علي، ايڊووڪيٽ ڪريم ڏنو وساڻ، زاھد عمراڻي، عادل راجپوت رمضان علي، جاويد علي، علي عباسي ۽ ٻين صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته ظلم جي انتھا آھي ھڪ پاسي غير قانوني طور تي پڙي ٽيڪس جي نالي تي نيوسعيد آباد جي پرچي استعمال ڪري ڦرلٽ ڪئي پئي وڃي ته ٻي پاسي پرچي تي 10 روپيا لکيل آھن ۽ وصول 50 روپيا ڪيا پيا وڃن ، ھنن چيو ته پڙي ٽيڪس جو قانوني طريقي سان ڪو به ٺيڪو نه ٿيو آھي چونڊيل نمائندن جي خاص ماڻھن جي چوڻ تي ڀٽ شاھ ۾ اوڳاڙي ٿي رھي آھي جنھن جو ڪو به رڪارڊ موجود نه آھي ، صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ ، ايم اين اين مخدوم جميل الزمان ، صوبائي وزير مخدوم محبوب الزمان ۽ ڊي سي مٽياري عدنان راشد کي فوري طور ڀٽ شاھ ۾ غير قانوني طور تي پڙي ٽيڪس اوڳاڙي جو نوٽيس وٺڻ گھرجي ۽ اھڙي غيرقانوني عمل ۾ ملوث ڌرين خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ، رابطو ڪرڻ تي اسسٽنٽ ڪمشنر ھالا مظاھرو علي ٻرڙو جو چوڻ آھي ته ڀٽ شاھ ٽائون آفيسر کي معلومات ورتي آھي جنھن ٻڌايو ته اسان جي طرف کان ڪو به ٽيڪس نه ورتو پيو وڃي ، وڌيڪ جاچ وٺان ٿو.