ڀٽ شاهه ۾ لطيفي آزاد ۽ پ پ پينل فارم جمع ڪرائي ڇڏيا

0
123
ڀٽ شاهه ۾ لطيفي آزاد

ڀٽ شاھ (ن پ ا) ڀٽ شاھ ٽائون جي 7 وارڊن تي لطيفي آزاد پينل ۽ پيپلزپارٽي پينل جي اميدوارن نامزدگي فارم جمع ڪرائي ڇڏيا آھن. لطيفي پينل جي اميدوارن وڏي ريلي جي صورت ۾ پھچي فارم جمع ڪرايا. پير آف ڀٽ شاھ سيد گداحسين شاھ لطيفي، سيد فدا حسين لطيفي، سيد اعجازحسين شاھ، سيد جراڙ لطيفي، ايڊووڪيٽ آصف راجپوت، منير کوسو ۽ يونس سومرو فارم جمع ڪرايا

جڏھن ته آزاد اميدوار اقبال احمد چوھاڻ لطيفي پينل جي آزاد  اميدوار سيد گدا لطيفي جي حق ۾ دستبردار ٿي ويو آھي. پيپلزپارٽي پينل سان لاڳاپيل پينل جي اميدوارن به سيد خاورحسين شاھ لطيفي جي اڳواڻي ۾ پنھنجا فارم جمع ڪرائي ڇڏيا. جن ۾ سيد احسن عباس شاھ، سيد مير محمد ڪاظمي، محمد سومار شيدي، سيد رضا رضوي، واجد علي ملاح ۽ سيد محمد جڙيل شاھ شامل ھئا. ڀٽ شاھ جي وارڊن فارم جمع ڪرائڻ بعد چونڊ سرگرميون تيز ٿي ويون آھن

لطيفي آزاد پئنل ۽ پيپلزپارٽي جي پئنل ۾ سخت مقابلي جا امڪان آھن. ڀٽ شاھ ٽائون ڪميٽي جي چيئرمين شپ حاصل ڪرڻ لاء ٻنھي پئنلن ۾ سخت دنگل جو امڪان آھن. وارڊ نمبر 1 تي آزاد اميدوار امير علي بليدي به پنھنجي چونڊ مھم تيز ڪري ڇڏي آھي، جنھن مختلف برادرين سان گڏجاڻي ڪري ووٽ ڏيڻ جي اپيل ڪئي آھي