ڀٽ شاهه ۾ لطيفي آزاد پينل جي حمايت ۾ راهه حق پارٽي دستبردار

0
188
ڀٽ شاهه ۾ لطيفي آزاد پينل

ڀٽ شاھ(ن پ ا) ڀٽ شاھ ۾ بلدياتي اليڪشن لاء چونڊ سرگرميون تيز ٿي ويون لطيفي آزاد پئنل جي حمايت ۾ راھ حق پارٽي جو اميدوار اورنگزيب راجپوت ھٿ کڻي ويو اورنگزيب راجپوت پير آف ڀٽ شاھ سيد گدا حسين شاھ لطيفي ـ سيد فداحسين لطيفي  ـ ايڊووڪيٽ محمد آصف راجپوت ـ سيد جراڙ لطيفي ـ منيراحمد کوسو ـ سيد نيئر عباس سيد جمال لطيفي ۽ ٻين جي موجودگي ۾ اعلان ڪيو

راھ حق پارٽي اميدوار وارڊ نمبر 7 تي لطيفي آزاد پئنل جي محمد آصف راجپوت جي سامھون اميدوار ھو جنھن اليڪشن تان دستبردار ٿي ڀٽ شاھ جي مختلف وارڊن تي لطيفي آزاد پئنل جي اميدوارن کي ووٽ ڪرائڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيوآھي جڏھن تـ ٻي پاسي پيپلزپارٽي جي پئنل کي ڪيئن کٽرائجي مخدوم ھائوس جي اڳواڻن بـ رات جو دير سان ڀٽ شاھ پھچي پارٽي اڳواڻن سان گڏجاڻي ڪئي

  ـ راجپوت ۽ ٻين برادرين طرفان لطيفي آزاد پئنل جي اميدوارن جي حمايت ۾ تقريب بـ منعقد ڪئي وئي تقريب ۾ شامل راجپوت ـ رنگ ـ ڄڙھ ـ کوسا ۽ ٻين برادرين پاران ٽائون جي سڀني وارڊن تي لطيفي آزاد پئنل جي اميدوارن کي ڪامياب بنائڻ جو وچن ڪيوويو ـ