ڀٽ شاهه (ن پ ا) ڀٽ شاھ ۾ انٽرنيشنل صوفي ازم ۽ ماڊرن سائنسز جي موضوع تي ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي صوفي ازم اينڊ ماڊرن سائنسز يونيورسٽي ڀٽ شاھ طرفان منعقد ڪيل ڪانفرنس 2 ڏينهن جاري رهندي. افتتاحي تقريب ۾ مهمان خاص طور يونيورسٽي ايگريڪلچر ٽنڊو ڄام جو وائس چانسلر ڊاڪٽر پروفيسر فتح محمد مري شريڪ ٿيو جڏهن ته اعزازي مهمانن ۾ يونيورسٽيز ۽ بورڊز جو سيڪريٽري محمد مريد راهمون، بهاء الدين ذڪريا يونيورسٽي جي پروفيسر ڊاڪٽر نسيم اختر، سابق وائيس چانسلر يونيورسٽي آف ٽيڪنالاجي اينڊ ڊولپمينٽ خيرپور ڊاڪٽر پروفيسر مدد علي شاھ، چيئر آف ڊپارٽمينٽ مائڪرو بائلاجي يونيورسٽي آف وڪٽري سائنس لاهور ڊاڪٽر محمد ارشد، ڊاڪٽر ڪي بي ميربحر اڳوڻي وي سي ايگريڪلچر يونيورسٽي سڪرنڊ، اطلاعات کاتي حيدرآباد ڊويزن جو ڊائريڪٽر سوائي خان ڇلگري، ڊپٽي ڊائريڪٽر صابر علي ڪاڪا، محمد شعبان وسطڙو ۽ ٻيا هئا. انٽرنيشنل ڪانفرنس ۾ سموري ملڪ مان مختلف يونيورسٽين ۽ ادارن جا اسڪالر شريڪ ٿيا ۽ انهن پنهنجا تحقيقي مقالا پيش ڪيا جڏهن ته سعودي عرب، ترڪي، ايران ۽ ملائيشيا جي اسڪالرن پنھنجا ريسرچ ۽ آرٽيڪل آن لائن پيش ڪيا. ڀٽ شاھ صوفي ازم ۽ ماڊرن سائنسز يونيورسٽي جي وائس چانسلر ڊاڪٽر پروفيسر پروين منشي جو چوڻ آهي ته اڄوڪي ڪانفرنس ۾ تقريبن 100 ريسرچ پيپر مختلف ٻولين سنڌي، اردو ۽ انگريزي ۾ مليا انهن ريسرچ پيپرن مان جيڪي پيپر پريزنٽ ٿيندا. يونيورسٽي جي پهرين ڪانفرنس آهي پر ملڪ ۾ به پهرين اهڙي نوعيت جي ڪانفرنس آهي.