ڀٽ شاهه (ن پ ا) ڀٽ شاهه ۾ قومي شاهراه ڀرسان تارا مائينر تي بااثر ڌر پاران قبضي جي ڪوشش شروع ڪئي وئي آهي. بااثر ڌر آبپاشي کاتي جي عملدارن سان ملي ڀڳت ڪري ٽريڪٽرن جي مدد سان شاخ کي ڊاهي پٽ ڪيو. ايريگيشن کاتي جا عملدار خاموش تماشائي بڻيل رهي. تارا مائينر ۽ قومي شاهراهه روڊ جي حد ۾ پئٽرول پمپ ۽ هوٽل ٺاهڻ لاءِ زمين جي ليول ڪئي وئي آهي تارا مائينر کي ڊاهڻ ۽ قبضي جي ڪوشش تي سڃاڻ ڌرين ۾ ڪاوڙ جي لهر پکڙيل آهي علائقي واسين جو چوڻ آهي تـ ايريگيشن کاتي جي عملدارن جي ملي ڀڳت سان تارا شاخ تي قبضو ڪيو پيو وڃي اهو ئي سبب آهي تـ عملدار خاموش تماشائي بڻيل آهن ۽ جمالي برادري سان تعلق بااثرن کي قبضي جي اجازت ڏني وئي آهي تارا شاخ جي ڪنارن کي لٽي ڪيترن ئي ايڪڙن تي قبضي جي شروعات ڪئي وئي آهي. ٻئي پاسي تارا شاخ کي ڊاهڻ ۽ ان تي قبضن جو مٽياري جي ڊپٽي ڪمشنر علي مرتضيٰ شاهه نوٽيس وٺندي هلندڙ ڪم بند ڪرائي ڇڏيو آهي ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر هالا سميت ايريگيشن کاتي جي عملدارن کي سخت هدايتون جاري ڪندي چيو آهي تـ قبضي ۾ ملوث ڌرين خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ تارا شاخ تي قبضو ڪنهن به صورت ۾ ڪرڻ نه ڏنو وڃي. ٻئي پاسي شهرين، علائقي واسين ۽ سڃاڻ ڌرين طرفان اهڙي عمل خلاف احتجاج جو چتاءُ ڏنو ويو آهي. سردار اياز ميمڻ، عبدالرشيد ڏيٿو، هاشم شاهه، شڪور ناز خاصخيلي، علي شير مگسي ۽ ٻين چيو ته تارا شاخ تان غير قانوني قبضو ختم ڪري شاخ بحال ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ شروع ڪري قومي شاهراه تي احتجاج جي شروعات ڪئي ويندي.