ڀٽ شاهه ۾ آزاد اميدوار به لطيفي پينل جي حق ۾ هٿ کڻي ويو

0
356
ڀٽ شاهه ۾ آزاد اميدوار

ڀٽ شاھ(ن پ ا) ڀٽ شاھ جي وارڊ نمبر هڪ جو آزاد اميدوار اليڪشن تان هٿ کڻي لطيفي آزاد پينل جي حمايت ڪري ڇڏي. ڪالهه آزاد اميدوار امير علي بليدي، ديدار علي بليدي، حيدرڀٽي ۽ ٻين لطيفي پينل جي سرواڻ سيد گداحسين شاھ لطيفي، سيد اعجازحسين شاھ، سيد فداحسين شاھ ۽ ٻين سان گڏجي اعلان ڪيو

ھنن چيو ته ڀٽ شاھ نگري جي مفاد خاطر لطيفي پينل جي حمايت جو فيصلو ڪيو آھي، گداحسين شاھ چيو ته اسان سڀ گڏجي ڀٽ شاھ جي عوام جي خدمت ڪنداسين عوام جي ساٿ سان ڪاميابي ماڻي رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرائينداسين

پاڪستان تحريڪ انصاف اڳ ۾ ئي لطيفي آزاد پينل جي حمايت جو اعلان ڪري چڪي آھي. ٻئي طرف پيپلزپارٽي به پنھنجون ڪارنر گڏجاڻيون تيز ڪري مختلف برادرين سان حمايت لاءِ رابطا ڪيا آھن. 24 جولاءِ تي ڀٽ شاھ ٽائون ڪاميٽي جي 7 ئي وارڊن تي پيپلزپارٽي ۽ لطيفي پينل ۾ سخت دنگل ٿيندو ٻنھي پينلن طرفان ھن وقت چونڊ مھم تيز ڪئي وئي آھي