ڀٽ شاهه: ٽرالر جو ڪار کي ٽڪر، سنڌ جي وڏي وزير جي ڀيڻ سميت 4 ڄڻا زخمي

0
295
ٽرالر جو ڪار کي ٽڪر
ڀٽ شاهه: ٽرالر جو ڪار کي ٽڪر، سنڌ جي وڏي وزير جي ڀيڻ سميت 4 ڄڻا زخمي

سنڌ جي مٽياري ضلعي جي علائقي ڀٽ شاهه ۾ نيشنل هاءِ وي تي ٽرالر ۽ ڪار ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا

پوليس موجب حادثي ۾ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي ڀيڻ سميت 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا

پوليس جو چوڻ آهي ته زخمين کي هالا اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته سنڌ جي وڏي وزير جي ڀيڻ ڊاڪٽر سراج النساءِ به زخمي ٿي آهي

هالا اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر محمد اقبال موجب زخمين جي مٿي ۽ هٿ تي زخم آهن، سمورن زخمين کي مرھم پٽي کانپوءِ ڪراچي موڪليو ويو آهي

پوليس موجب ڊاڪٽر سراج النساءَ پنهنجي ڪٽنب سان گڏ لاڙڪاڻي کان ڪراچي وڃي رهي هئي