ڀٽ شاھ (ن پ ا) ڀٽ شاهه ڀرسان جاڙا واٽر قومي شاھراھ تي بوزدار ۽ سھتا برادري جي ٻن ڌرين ۾ معمولي ڳالھه تي جھيڙي جي نتيجي ۾2 ڄڻا زخمي ٿي پيا ـ زخمي ٿيل عبدالقدير ۽ پرين بوزدار کي ٿاڻي تان ليٽر بعد صحت مرڪز داخل ڪيو ويو جتان زخمين  کي طبي امداد بعد حيدرآباد ريفر ڪيو ويو آھي.  ڀٽ شاھ پوليس ڪارروائي ڪري ٻنھي ڌرين خلاف رپورٽ داخل ڪري ٻن ڄڻن ٺارو سھتو ۽ عبدالرزاق بوزدار کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو .