ڀٽ شاهه (ن پ ا) ڀٽ شاهه مان پراسرار طور ٻن ڏينهن کان گم ٿي ويل نينگري ٽائيم نيوز جي خبر بعد ٻيراڻي ڀرسان هٿ اچي وئي آهي شهر جي شيخ محلي ڪچي آبادي مان 14 سالن جي خديجه ڌيءَ موسو ڪوري ٻن ڏينهن کان گم ٿيل هئي ٽائيم نيوز تي خبر بريڪ ٿيڻ بعد وارثن کي سانگهڙ ضلعي جي شهر ٻيراڻي ڀرسان نينگري جي موجودگي جو اطلاع مليو. وارثن جو چوڻ آهي ته ٻيراڻي ڀرسان ڳوٺاڻن نينگري جي موجودگي جو اطلاع ڏنو آهي ڀٽ شاهه مان نينگري جا وارث 14 ورهين جي نينگري خديجه ڪوري کي وٺڻ لاءِ ٻيراڻي روانا ٿي ويا وارثن موجب نينگري سان رابطو ٿيو آهي خير سان هٿ اچي وئي آهي نينگري جو ذھني توازن صحيح نه آهي ان ڪري گهران نڪري گم ٿي وئي هئي، هٿ اچڻ تي گهر ڀاتين ۾ خوشي جي لهر ڇانئجي وئي آهي.