ڀٽ شاھ (ن پ ا) ڀٽ شاھ ڀرسان متاثرين پاران برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ۽ راشن توڙي خيما من پسند ماڻھن کي ڏيڻ خلاف احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو ضلعي انتظامي، ۽ چونڊيل نمائندن خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي ڳوٺ خدابخش سيٺار ۽ ٻين جي رھواسين ماھي خان ، وجاھت حسين سيٺار ، شاداب خاصخيلي سليم ، سڪندر ، اعجاز سيٺار ، غفار سيٺار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاھرو ڪندي چيو ته گذريل ڏيڍ مھيني کان ڳوٺن مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيو آھي ھاڻي مڇرن جي آزار سبب بيماريون ڦھلجي رھيون آھن چوپايو مال مري ويو آھي گھرن ۾ پاڻي جا تلاءَ آھن درجن کان وڌيڪ گھر ڊھي پيا آھن ڳوٺ ڀرسان ڍنڍ قائم ڪيو ويو آھي جيڪو ختم ڪرايو وڃي ، متاثرين جو چوڻ آھي ته گھرن ۽ ڳوٺ جو لنگھه بند آھي چئني طرفن کان پاڻي جمع آھي ڏيڍ مھيني ۾ ڪير لڙي نه آيو آھي ضلعي انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندن ڪا سار نه لڌي آھي بي يارو مددگار ويٺا آھيون اسان کي نه پاڻي جي مشين ملي آھي ۽ نه ئي راشن ، خيما توڙي مڇرداني مليا آھن چونڊيل نمائندا ۽ ڪامورا راشن ، خيما ، مڇردانيون ۽ پاڻي نيڪال جون مشينون پنھنجي من پسند ماڻھن کي ڏيئي رھيا آھن ووٽن لاء گاڏين جون قطارون ھونديون آھن ھن وقت چونڊيل نمائندا ڪٿي گم آهن. اسان ڳوٺاڻن کي مزاحمت تي مجبور نه ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ چونڊيل نمائندن ۽ ضلعي انتظامي، خلاف روڊ تي ڌرڻو ھڻنداسين.