ڀٽ شاهه (ن پ ا) يونيورسٽي آف صوفي ازم ائنڊ ماڊرن سائنس، ڀٽ شاھ جي شاگردياڻي پنھنجي قابليت جي بنياد تي تحقيقي انعام ماڻيو، شُمائلا نالي شاگردياڻي، پنھنجي قابليت ۽ علمي جاکوڙ جي ميدان ۾ پاڻ مڃرائيندي تحقيق جو انعام 2023 حاصل ڪيو آھي، شمائلا انفرميشن ائنڊ ڪمپيوٽنگ ڊپارٽمنٽ، يونيورسٽي آف صوفي ازم ائنڊ ماڊرن سائنس، ڀٽ شاھ  آخري سال جي شاگردياڻي آھي جنھن ڊاڪٽر علي رضا رنگ جي رھنمائي ۾ ھڪ تحقيقي پراجيڪٽ ”ھيومن فالوئنگ روبوٽ“ جي عنوان سان تحقيقي مقالو جمع ڪيو ھو ان تحقيقي مقالي کي پرکڻ کانپوءِ ان علمي ڪم کي ملڪي سطح تي مڃتا ملي آھي، ۽ انعام سان پڻ نوازيو ويو آھي. وي سي پروفيسر ڊاڪٽر پروين منشي جو چوڻ آهي ته اسان جي لاءِ انتھائي خوشي جي ڳالھه آھي، ته پُٺتي پيل علائقن جون نياڻيون تعليم جي ميدان ۾ اڳڀريون ٿيڻ جي جاکوڙ۾ آھن.