باغياڻو تصور نه ڏئي ها ته ڀٽائي جي ڪهڙي اوقات هئي، هو ڌاڳا وٽيندڙ شاھ حبيب جو پٽ هو: سردار شاهه

0
1402
باغياڻو تصور نه ڏئي ها ته

ڪراچي(رپورٽ:فقير سليم) سنڌ جي تعليم ۽ ثقافت واري وزير سيد سردار علي شاهه چيو آهي ته سنڌ واسين جو رويو سدائين باغياڻو رهيو آهي. شاهه لطيف به فري سوسائٽي جهڙو باغياڻو تصور نه ڏئي ها ته هن جي ڪهڙي اوقات هئي، هو ڌاڳا وٽيندڙ شاهه حبيب جو پٽ هو

صوبائي وزير اهڙو اظهار ڪراچي ۾ هڪ تقريب کي خطاب دوران ڪيو. سردار شاهه چيو ته شاهه لطيف 3 صديون اڳ هڪ اهڙي فري سوسائٽي جو تصور ڏنو، جتي ڪا به جهل پل نه هوندي ۽ ڪو به ٽيڪس ادا نه ڪندو. سنڌ جا ماڻهو ڀلي ويڙهه نه ڪري سگهيا هجن پر هنن جا رويا ۽ سوچ سدائين باغياڻا رهيا آهن. جيڪڏهن باغياڻو تصور نه ڏئي ها ته ڀٽائي جي ڪهڙي اوقات هئي، هو ڌاڳا وٽيندڙ شاهه جو پٽ هو ۽ هن جو لوئر مڊل ڪلاس سان تعلق هو. ڀٽائي جو مون جهڙي  سردار جي گهراڻي سان تعلق به نه هو

سردار شاهه چيو ته آءِ بي اي جهڙو ادارو نثار صديقي پيٽ تي پٿر ٻڌي ٺاهيو، سندس پٽ کي به فارجري ( دوکو ) ڪري نوڪري مان ڪڍيو ويو، انهي اداري کان جيڪڏهن ڪا انساني غلطي ٿي آهي ته انهي کي سبوتاز ڪيئن ڪري ڇڏيون؟ اسان وٽ سنڌ ۾ ساکائتا ادارا آڱرين تي ڳڻپ جيترا مس آهن، انهي اداري کي وري به شابس هجي، جنهن پنج لک کان وڌيڪ اميدوارن کان ٽيسٽ ورتي، سينيٽائيزر کان وٺي پاڻي جي بوتل تائين سڀ سهولتون فراهم ڪيون، باقي ٽيسٽ ۾ جيڪي غلطيون سوشل ميڊيا تي هلن پيون، انهن مان ڪيتريون حقيقت جي ابتڙ آهن، اسان کي اڃا آءِ بي اي سکر رڳو اميدوارن جي ڪاميابي جي لسٽ ڏني آهي، انهن جا پيپر ۽ تفصيل رهيل آهن، ٽيسٽ پيپرن ۾ غلطين بابت وضاحت آءِ بي اي کي پاڻ ڏيڻ گهرجي

ڪراچي ۾ سنڌ سيڪريٽريٽ آفيسرز ايسوسيئيشن جي چونڊيل عهديدارن جي حلف برداري تقريب کي خطاب ڪندي صوبائي وزير چيو ته 1940ع جي قرارداد تحت وفاق وٽ رڳو چار کاتا هجڻ گهرجن، فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن مڪمل طور غيرقانوني آهي، ان جو وجود نه هجڻ گهرجي. هن چيو ته مون چيو هو ته پاڪستان ۾ سياستدان صحافي ۽ شيطان ريٽائر نه ٿيندا آهن، جنهن تي سياستدانن مون کي چيو ته اوهان اسان کي شيطان سان ڀيٽيو آهي، مون کين چيو ته ان ڳالهه تي شيطان کي ڪاوڙجڻ گهرجي ته اوهان کي انهي سان ڀيٽيو ويو آهي

ھي به پڙھندا

وفاقي حڪومت صوبائي اختيار اورانگهي هڪجهڙو نصاب لاڳو نٿي ڪري سگهي:سردار شاھ