ٺٽو ( رپورٽر ) سنڌ جي اديبن ، شاعرن ، ليکڪن ، قلم ڌڻين توڙي سياسي سماجي اڳواڻن چيو آهي ته لطيف سائين ھردور جو شاعر آهي جنھن جي فڪري پيروڪارن ۾ سماج جا سمورن سوچن جا ماڻھو شامل آهن ۽ موجوده ڪٺن ۽ مايوس ڪن حالتن ۾ ڀٽائيءَ جي فڪر جو پاند جھلي سنڌ جي لڏندڙ ٻيڙيءَ کي پار اڪاري وينداسين پريس ڪلب ٺٽو ۾ سنڌ ڪلچرل فورم پاران سنڌ جي فڪري سرواڻ حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي سالياني 342ھين جنم ڏينهن ملھائڻ واري تقريب کي سنڌ ڪلچرل فورم جي باني چيئرمين صادق لاکي، ڊاڪٽر مارو خشڪ ، جمن سمون ، پورهيت مزاحمت جي اعجاز جاکرو ، الهجڙيو برفت ، صحافي اقبلا جاکرو ، فقير اڪرم مڱڻهار ، انور شاھ ، منظور گرماڻي ، رزاق چانڊرو ، فقري گگدام غلام حسين ، رحمت الله سمون ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته لطيف سائين ھردور جو شاعر آهي جنھن جي فڪري پيروڪارن ۾ سماج جا سمورن سوچن جا ماڻھو شامل آهن هنن چيو ته لطيف جدوجھد جو ڏس ڏنو آهي انڪري اسان کي گھرجي ته ڀٽائي جي ڏسيل راھ تي ھلڻ گھرجي هنن چيو ته لطيف مظلوم۽ محڪوم ماڻھن جو طرفدار شاعر آھي سندس ڏسيل کس تي ھلڻ لاءِ سندس شاعري کي بار بار مطالعي ھيٺ آڻي نجات جا گس ڪڍڻا پوندا هنن چيو ته لطيف جو جنم ڏينهن ملھائڻ سان ثابت آھي ته اسان ڀٽائي جي خيالن ۽ سوچن واري زندگي ، وطن ۽ سماج چاھيون ٿا  هنن چيو ته جيڪڏهين  سنڌ حڪومت شاھ لطيف جي سوچ ۽ ٻوليءَ کي وڌندو ڏسڻ چاھي ٿي  ته اھا سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن جي پرائمري اسڪولن تي خاص طور توجھ ڏئي انھن ۾ ٻارڙن کي سنڌي ٻوليءَ ۾ تعليم ڏيارڻ کي يقيني بڻائڻ سان گڏوگڏ اسڪولن جي حالت بھتر بنائڻ گھرجي جڏهن ته مزاحمتي شاعر ۽ ڪلاڪار سلمان جاکرو قومي گيت ترنم ۾ ڳائي لطيف سائين کي خراج پيش ڪيو. ان موقعي تي سمورن ساٿين گڏجي ڀٽائي جي 342ھين سالگرھ جو ڪيڪ ڪاٽيو.