حيدرآباد / ڀٽ شاھ  (نمائندن وٽان) لاکيڻي لطيف جي 279 ھين عرس مبارڪ جون رسمون پڄاڻي تي پھتيون. مختلف اديبن ۽ شاعرن کي لطيف ايوارڊ سان نوازيو ويو. ان ڏس ۾ لطيف جي ميلي جي آخري ڏينهن تي مختلف علائقن مان آيل پانڌيئڙن لطيف سرڪار جي مزار تي حاضري ڀري دعائون گھريون، جڏھن ته درگاھ جي قائم مقام سجادھ نشين پاران ھال ڌاڳن جي رسم ادا ڪئي وئي آھي، وقتي سجادھ نشين سيد خاور حسين شاھ درگاھ ڀٽائي جي لکي در گيٽ وٽ پھچي مريدن کي ديدار ڪرائي ھال ڌاڳن جي رسم ادا ڪئي ۽ ملڪ جي ترقي خوشحالي ۽ ٻوڏ جي خاتمي لاء دعا به  گھري وئي ، جڏھن ته درگاھ جي سجادھ نشين سيد وقار حسين شاھ لطيفي آمريڪا مان ٽيليفون پيغام ذريعي مريدن کي خطاب ڪري دعا ڏني . ھال ڌاڳن جي رسم ۾ درگاھ بلڙي شاھ ڪريم ۽ درگاھ سيد مسڪين شاھ جي سجادھ نشينن سميت سيد غلام رضا شاھ لطيفي ۽ ٻين ڀٽائي خاندان جي فردن توڙي شاھ لطيف فائونڊيشن جي اڳواڻن به  شرڪت ڪئي. سيد خاور حسين شاھ پنھنجي پيغام ۾ چيو ته سنڌ تڪليفن ۾ آھي اوليائن ۽ بزرگن جي دعائن سان صورتحال جلد بھتر ٿي ويندي ڀٽائي سرڪار جي درس تي عمل جي ضرورت آھي جنھن ۾ امن محبت ۽ ڀائيچاري جو پيغام آھي. ھن چيو ته عرس مبارڪ برساتن ۽ ٻوڏ سبب سادگي سان ادا ڪئي آھي عوام سان يڪجھتي خاطر تقريبون ملتوي ڪيون آھن دعا ڪريون ٿا ته جلد برسات ۽ ٻوڏ جو سلسلو ختم ٿئي ۽ عوام پنھنجي پيرن تي بيھي. هوڏانهن حيدرآباد  ۾ ٿيل ايوارڊ تقريب ۾ مختلف شخصيتن کي لطيف ايوارڊ ڏنا ويا. ان ڏس ۾ ڀٽائي جي راڳي طور فقير شاهه نواز نظاماڻي، ادبي تحقيق ۾ ڊاڪٽر رخمان گل پالاري، گل حسن ڪلمتي، سگهڙ ايوارڊ عاجز رحمت الله لاشاري، موسيقي ايوارڊ محمد احمد شيخ، سازندي جو ايوارڊ بانسري نواز امداد علي، راڳي جو ايوارڊ ديبا سحر ۽ مٺو ڪڇي کي ڏنو ويو. ادبي ڪانفرنس ۾ ڊاڪٽر عبدالرسول قادر جي انتخاب ڪيل ڪتاب شاهه جو رسالو، ايم ايم گدواڻي جي انگريزي ۾ لکيل ڪتاب شاهه لطيف ۽ ڏيارام گدو مل جو ڪتاب سنڌ جو عظيم شاعر شاهه عبدالطيف ڀٽائي جو مهورت گل حسن ڪلمتي، ڊاڪٽر اسحاق سميجو، ڊاڪٽر شير مهراڻي، ناگپال، تاج جويو، نور احمد جنجهي، ڊاڪٽر احسان دانش، شبنم گل، مدد علي سنڌي ۽ اسد جمال پلي گڏجي ڪيو. مقالن واري ويهڪ ۾ اديب تاج جويو، ڊاڪٽر سحر گل ڀٽي، ڪي ايس ناگپال، مختيار سمون، ڊاڪٽر احسان دانش، ڊاڪٽر فياض لطيف، ڊاڪٽر محمد ابراهيم سنڌي، ڊاڪٽر اسد جمال پلي، ڊاڪٽر شازيه پتافي، عبدالعليم لاشاري ۽ ٻين شاهه عبدالطيف ڀٽائي جي شخصيت، شاعري ۽ فڪر جي مختلف موضوعن تي پنهنجا پنهنجا مقالا پيش ڪيا. ايوارڊ تقريب ۽ ويهڪن جي ڪارروائي نصير مرزا ۽ ياسر قاضي هلائي. ان موقعي تي ديبا سحر، مائي هنجو ۽ ٻين لطيف جون وايون به پيش ڪيون.