ڀيم رائو امبيڊڪر: ننڍي کنڊ جو وڏو باغي!

0
315
ھولي- زرعي سماج جو ثقافتي پسمنظر رکندڙ تھوار

ننڍي کنڊ جي اتهاس ۾ گوتم کانپوءِ امبيڊڪر وڏو باغي هو. انهن ٻنهي ڪردارن جي هوندي هاڻي ڪارل مارڪس جي ان ڳالھه سان ڪيئن اتفاق ڪجي ته “هندوستان جي ڪابه تاريخ نه آهي.”

امبيڊڪر جي جُهد ڪٿا کان اڳ مختصر طور تي ننڍي کنڊ جي سماجي تاريخ جو پسمنظر تي اک رکندي ڪجھه اهم لفظن جي اُپٽار ڪجي ٿي. تاريخي طور ڪجھه قبيلا دراوڙن کان به قديم چيا وڃن ٿا، انهن کي آدي دراوڙ چون ٿا. دراوڙن کي ناگا لوڪ به سڏيو ويو. راوڻ جي لنڪا دراوڙن جي آخري رياست هئي. اتهاس ايئن چوي ٿو ته آدي دراوڙ يا شودر جو پاڇو پوڻ سان پليتائي پروان چڙهي ٿي ۽ ان جو دقيانوسي حل گنگا جل ۾ اشنان آهي. اها عقليت پسندي خلاف وهم پرستي هئي جنهن ۾ اظهاريو ويو ته اڻ آريا شودر برهما جي پيرن مان پيدا ٿيل آهن. نسلي برتري جي سڃاڻپ اصل ۾ ناگا لوڪ، دراوڙن يا آديواسين سان تاريخي طور بدنيتي جي بنياد تي پيدا ڪيل سماجي ۽ مذهبي تعصب جو اظهار آهي. شودرن سان شادي ڪرڻ، کين ڇهڻ ۽ گڏ کائڻ پيئڻ جي منع هئي. ڪول، داسا، ڀيل، اوڏ ۽ سينٿال موهن جي دڙي جي تهذيب جا اڏيندڙ به آهن. ڇا “نيچ جاتين” جي ڪا تاريخ ڪونهي؟

منو مهراج جي لکيل منو سمرتي ۾ جيڪي سماجي ۽ معاشي طور جيڪي قانون ٺاهيا، انهن قائدن انسان دشمن طبقاتي سماج جا بنياد رکيا ۽ انساني رشتن ۾ انتشار ۽ نفاق پيدا ڪيو. ڪن جاتين کي اڇوت سڏي انهن کي سماجي، سياسي ۽ معاشي طور تي پوئتي ڌڪيو ويو. منو جي من گهڙت ورڻ سرشتي زبردست تضاد جوڙي ڇڏيا. پوءِ ٿيو ايئن جو اهي “نيچ مليڇ” هزارين سالن تائين تاريخ جي ذليل دور ۾ ذلت آميز زندگي گذاريندا رهيا. اهي خانه بدوش ٿي ڀٽڪيندا رهيا.

ورڻ نيتي مان ذات پات جي ارتقا ٿئي ٿي. اڇوتپڻي ۽ ورڻ آشرم جو پاڻ ۾ جُڙت آهي. ذات پات ۽ اڇوت پڻو هڪ سڪي جا ٻه ئي پاسا آهن. اهو ئي سبب آهي جو ذات پات جي بنياد تي هندو هڪ ٻئي کان ويڳاڻا آهن. اڇوت جي زندگي جي سڄي ڪهاڻي ذلتن جي تسلسل سان ڀريل آهي. ڊاڪٽر صاحب جو ڪتاب Annihilation of Caste هڪ تقرير آهي جيڪا ان اڇوتپڻي تي لکي هئي، جيڪا 1936ع ۾ شايع ٿي. اها تقرير هندو عقيداڻي رجعت پسندي تي تنقيدي هئي، ان ڪري پروگرام جي منتظمينن اهو پروگرام ئي معطل ڪري ڇڏيو. 2014ع ۾ ارون ڌتي راءِ ان جو تعاف The Doctor and The Saint جي نالي سان لکيو. ان ڪتاب کي پڙهي ڏسجي، ۽ تاريخي تناظر ۾ ڊاڪٽر امبيڊڪر جا هيٺيان ڪتاب به پڙهي پروڙ رکي سگهجي ٿي:

  1. Who were Shudras
  2. The Untouchables
  3. Riddles in Hinduism
  4. Manu and the Shudras
  5. Castes in india: Their Mechanism, Genesis and Development

ڌرم ۾ سڀ کان پهرين بغاوت برهسپتي ڪئي. ان کانپوءِ چار واڪ مني هئا، جن ان جنم جرم جي تصور يعني ورڻ نيتي خلاف بغاوت جي تسلسل کي جاري رکيو. مهاوير جي جين مت ۾ انسانيت جو گيان آهي. نيچ جاتين جي فڪر سان منور پهريون حقيقي باغي گوتم هو. سڌارٿ ٻڌمت متعارف ڪرايو، سندس ڀڳتي مارڳ ۾ به انسانيت اُتم آهي. اڳتي ڏسون ٿا ته هندو ڀڳتن برهمڻي نسل پرستي جي خلاف بغاوت ڪئي. ڀڳتي تحريڪ جي سٻنڌ ۾ رهندڙ  ڪردار ڪبير، ميران، رامانند، رامانج، ماڌو آچاريه، شنڪر آچاريه، روي داس، گرو نانڪ وغيره هئا. انهن هندو سماجي نفسيات جي ويڳاڻپ تي ويچار ڪري مُنش جاتي ۾ ارپنا ۽ پريم جو پرچار ڪيو.

شودر ۽ مليڇ  لفظ ويدن جي دور ۾ استعمال ٿيا. شودر لفظ جي سماجي حيثيت ڌڪار، تعصب ۽ ذلت تي رکيل آهي. اڇوت ( سنسڪرت لفظ انڇر مان نڪتل) ان کان اڳ جو لفظ هو. نه ڇهڻ ۽ نه گڏ کائڻ پيئڻ سبب لفظ اڇوت استعمال ٿيو. برهمڻ آريا پوٿين کانسواءِ ٻيا داس سڏيا ويا. داسا لفظ غلام لاءِ استعمال ٿئي ٿو. اڄ به دراوڙن جي نالي پويان داس جو پُڇ ڳنڍيل هوندو آهي. آريا دراوڙن کي ديوس پتر سڏيندا هئا. ويدن ۾ جن کي راڪشش سڏيو ويو، اهي غير برهمڻ مزاحمتڪار هئا.

آديواسي يا انڊيجينئس پسماندگي جي زندگي گذاريندڙ قديم لوڪ آهن. آفريڪا ۾ جپسي قبيلا، آمريڪا ۾ ريڊ انڊين ۽ آسٽريليا ۾ ابورجن آديواسي سمجهيا وڃن ٿا. او بي سي سميت هر مذهب جي پسمانده اصلوڪي لوڪ کي بهوجن (بهو معنيٰ اڪثريت، جن معنيٰ نسل) به سڏيو ويو. هر اهو مظلوم پيڙهيل انسان يا طبقو جنهن جو معاشي استحصال ٿئي ۽ سماجي مت ڀيد ٿئي، اهو دلت ئي آهي. داس، راڪشش، اڇوت، مليڇ: هي ڪجھه لفظ دراصل اميڊڪر جي تاريخي سياسي ۽ سماجي جدوجهد جو پسمنظر آهن.

مهاراشٽر (هاڻي مڌيه پرديش) يا مهارن جي راشٽ جي علائقي مهو ۾ مهار قبيلي (نک سنڪپال) ۾ ڀيما ٻائي (دادي امان) ۽ رامجي رائو ( جيڪو ڪبير پنٿي هو.) جي گهر 14 اپريل 1891ع ۾ امبيڊڪر جو جنم ٿيو. انبا واڙي علائقي ۾ رهڻ ڪري هي لوڪ امبواڊيڪر سڏبو هو. ان علائقي جي مناسبت سان نالي جي پويان “ڪر” ملائيندا هئا. سندس استاد کيس امبيڊڪر جو نالو ڏنو. امبيڊڪر پهرين شادي رما ٻائي سان 1932ع ۾ ڪئي ۽ 1948ع ۾ ٻي شادي ڊاڪٽر شردا ڪبير سارسوت برهمڻ سان ڪئي. جدوجهد دوران امبيڊڪر صاحب جا ٽي ڇوڪرا، هڪ ڌي ۽ زال رما ٻائي گذاري ويا. امبيڊڪر جي غيرموجودگي ۾ رما ٻائي وڇوڙن جا ڪرب ڀوڳيا. ڊاڪٽر ان کي پيار مان رامو چوندو هو. رامو ۽ ٻارڙن جي وڇوڙي جي درد کي هُو جدوجهد ۾ بدلائيندو رهيو.

تعليمي لحاظ کان امبيڊڪر 1907ع ۾ ساتاره هاءِ اسڪول ۾ فائنل ۽ 1912ع ۾ الفنسٽن ڪاليج بمبئي مان گريجوئيشن ڪئي. معيشت مان ايم اي ڪولمبيا يونيورسٽي آمريڪا مان ڪئي. لنڊن مان بئريسٽر ايٽ لا ڪيائين. گريز ان مان پي ايڇ ڊي ڪيائين.

امبيڊڪر شروع ۾ سماج سڌارڪ هو. هو سمرتين تي بندش، ذات پات کي ختم ڪرڻ، مندرن ۾ داخلا جي حق، ۽ گڏجي ماني کائڻ ۽ شاديون ڪرڻ لاءِ وڙهيو. جڏهن هندن جا اڇوتن لاءِ رويا تبديل نه ٿيا ته هن دلتن جي الڳ سڃاڻپ لاءِ جنگ ڪئي. ممبئي مان دلت تحريڪ جو آغاز ڪيو.1924ع بهشڪرت هت ڪرني سڀا يعني ذات کان ٻاهر ماڻهن نالي تنظيم ٺاهي. 1926ع ۾ دين ڪر جوالڪر جو ڪيس وڙهيو. ان مراٺي ليکڪ هڪ ڪتاب ديس دشمن لکي برهمڻن تي تنقيد ڪئي هئي. ان ڪتاب خلاف برهمڻن عدالت ۾ ڪيس داخل ڪيو. ان ليکڪ جي بچاءُ ۾ امبيڊڪر دليلن سان ڪيس کٽيو.

 1927ع ۾ ممبئي جي مهاڙ علائقي ۾ چودر نالي تلاءُ ۾ پاڻي پيئڻ دلتن لاءِ ممنوع هو. امبيڊڪر ٽي هزار دلت ساٿين سان گڏ ان تلاءُ ۾ ٻڪ ڀري پاڻي پيتو، جنهن جي ردعمل ۾ بدترين فساد ڀڙڪي اُٿيا. آخرڪار هڪ قانوني ويڙھه ذريعي چودر تلاءُ ۾ پاڻي پيئڻ جو حق حاصل ڪيو.

مبيڊڪر اڇوتن جي حقن لاءِ آئين ساز اسيمبلي ۾ وڃڻ ضروري سمجهندو هو. هن اسيمبلي ۾ مخصوص سيٽن ۽ نوڪرين ۾ اڇوتن جي ڪوٽا جي به ڳالھه ڪئي. حقيقت ۾ ڊاڪٽر انقلابي گهٽ ۽ رفارمسٽ يعني اصلاح ڪار يا سڌار پسند وڌيڪ هو. هو قانون ۽ آئين جي ذريعي سماجي تبديلي چاهيندو هو. پنهنجي سياسي جدوجهد ۾ هو نوڪرين ۾ ڪوٽا، اسيمبلي ۾ مخصوص سيٽن وغيره جهڙا مطالبا هر محاذ تي ڪندو رهيو.

1927ع ۾ ممبئي ليجسليٽو اسيمبلي جو ميمبر ٿيو. 3 فيبروري 1928ع تي سائمن ڪميشن حيدرآباد آئي. ڊاڪٽر صاحب ڪميشن کي دلتن جي مسئلن متعلق آگاھه ڪيو. ڀيم صاحب 1931ع تي ٻي گول ميز ڪانفرنس لنڊن ۾ شرڪت ڪئي. مسلم ليگ طرفان علامه اقبال ۽ ڪانگريس طرفان گانڌي ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيا. اقليتي ڪاميٽي جي اجلاس ۾ هن چيو ته اقتدار جاگيرداراڻي باقيادت ۽ اشرافيه جي هٿن ۾ نه وڃڻ گهرجي. خطاب ڪندي هن وڌيڪ اهو به چيو هو: “اسان سان ٿيندڙ نا انصافيون کليل ناسور جيان اڄ به موجود آهن ۽ ان جو ڪوبه علاج نه ڪيو ويو. جڏهن ته برطانوي سرڪار ڏيڍ سئو سال اقتدار ۾ رهي آهي.”

گانڌي ذات پات جي حق ۾ هو، ۽ اڇوتن لاءِ هريجن لفظ استعمال ڪندو هو. ديوداسي (ديوتائن جون غلام) عورتن جي اولاد کي به هريجن سڏبو هو. گانڌي جنهن رجحان جي سياست ڪئي پئي، امبيڊڪر ان لاءِ چئلينج هو. گانڌي هريجن تحريڪ شروع ڪئي، جڏهن ته امبيڊڪر دلت تحريڪ. گانڌي نٿي چاهيو ته دلت هندو سماج کان الڳ ٿين. گانڌي ڪميونل ايوارڊ خلاف مرن برت رکيو. ان ايوارڊ ۾ اڇوتن کي هندن کان الڳ تسليم ڪيو ويو هو، ۽ مخصوص علائقن مان پنهنجا نمائندا چونڊڻ جو حق ڏنو ويو. گانڌي مخصوص سيٽن جي مطالبي جي به مخالفت ڪئي. 21 سيپٽمبر 1932ع ۾ گانڌي هڪ بيان ۾ چيو ته مرن برت اڇوتن کي مليل مخصوص سيٽن خلاف نه پر الڳ ووٽ خلاف آهي. گانڌي جي زندگي بچائڻ لاءِ ڪانگريس جو وفد امبيڊڪر سان مليو، پر هن اهو چئي انڪار ڪري ڇڏيو ته “ مون کي ست ڪروڙ اڇوتن جا مفاد گانڌي جي زندگي کان عزيز آهن.” گانڌي جي بک هڙتال سبب مرڻ سان وڏا فساد برپا ٿي پئي سگهيا. نيٺ ڊاڪٽر جئڪر کيس معاهدو ڪرڻ لاءِ راضي ڪيو: گانڌي_امبيڊڪر وچ ۾ پونا ۾ 1932ع ۾ ٿيل معاهدو پونا_پيڪٽ طور مشهور آهي، انهي معاهدي ۾ ٻه قدم پوئتي هٽي به اڇوتن جا ڪافي حق مڃرائي ويو. رابندر ناٿ ٽئگور پونا پيڪٽ ۾ گانڌي جو حمايتي هو. گانڌي ۽ ڪانگريس متعلق امبيڊڪر جو ڪتاب “ گانڌي ۽ ڪانگريس اڇوتن سان ڇا ڪيو” پڙهي سگهجي ٿو. ڊاڪٽر صاحب ڪانگريس جي مخالفت ۾ مسلمانن جي به حمايت ڪئي. دلتن جي ڪانگريس ۾ شامل ٿيڻ واري عمل سان سهمت نه هو.

1935ع ۾ انڊين ايڪٽ منظور ٿيڻ کانپوءِ 1937ع جي چونڊن کي مدنظر رکندي امبيڊڪر انڊپينڊنٽ ليبر پارٽي جو بنياد رکيو، هو سرمائيداري جي مخالفت ۾ مارڪسزم جي به ڳالھه ڪندو هو. ان ڏس ۾ سندس ڪتاب ٻڌ يا ڪارل مارڪس به پڙهي سگهجي ٿو. 1942ع ۾ ڪرپس هندوستان آيو، ڊاڪٽر صاحب ڪرپس کي چيو ته آئين ۾ اڇوتن جا حق محفوظ ڪيا وڃن.(جاري آهي)