ڀيم رائو امبيڊڪر: ننڍي کنڊ جو وڏو باغي!

0
277
شاھ لطيف: هڪ انقلابي شاعر

  انگريزن جي دورِ سامراجيت ۾ سروي جي بنياد تي هڪ شيڊول ٺاهيو ويو. سروي بعد ذاتين جي سماجي حالت مطابق انهن کي شيڊيولڊ ڪاسٽ سڏيو ويو. ( سنڌ ۾ ورهاڱي کانپوءِ راڻا چندر سنگھه ڌار ووٽ سرشتي ۾ لفظ شيڊيولڊ ڪاسٽ جو وڏو فائدو ورتو.) انگريزن جي دور ۾ پوئتي پيل جاتين لاءِ ڊپريسڊ ڪلاس به لفظ استعمال ٿيندو هو. (موجوده وقت ۾ انڊيا ۾ شيڊيولڊ ڪاسٽ شيڊيولڊ ٽريبس، بيڪ وارڊ ڪاسٽس، اڌر بيڪ وارڊ ڪاسٽس، ايڪسٽريملي بيڪ وارڊ ڪاسٽس مطابق حق ڏنا وڃن ٿا.) ان پسمنظر ۾ رائو صاحب 1942ع ۾ شيڊيولڊ ڪاسٽ فيڊريشن ٺاهي. 1946ع جي چونڊن ۾ امبيڊڪر جي پارٽي جو ڪوبه اميدوار ڪامياب نه ٿيو. جوگندر ناٿ منڊل جي چوڻ تي بنگال مان چونڊ وڙهيو، فيڊريشن، آزاد اميدوارن ۽ مسلم ليگ جي حمايت سان بنگال اسيمبلي پهتو. هن چيو ته مون تي مهار نسل پرستي جو الزام آهي، پر آئون پوري اڇوت سماج سان ڳنڍيل آهيان، بنگال ۾ ڪو به مهار ناهي، جتان آئون ڪامياب ٿيو آهيان.

 سردار پٽيل ۽ نهرو کانپوءِ گانڌي هندوستان جي ورهاڱي تي راضي ٿيو. 1947ع ۾ برصغير جو ورهاڱو ٿيو. امبيڊڪر پنهنجو موقف خاص ڪري اڇوتن جي نقطه نظر سان رکندو هو. هن چيو ته انگريزن وڃڻ کان اڳ پنهنجا وارث طئه ڪيا آهن، هڪ هندو ۽ ٻيو مسلمان، پنهنجي وراثت ۾ اڇوتن جو ڪو ذڪر ناهي ڪيو. انگريزن پنهنجو واعدو پورو نه ڪيو. ڊاڪٽر صاحب هڪ لکڻي ۾ رٿ ڏني هئي ته جيڪڏهن منهنجي ماڻهن کي الڳ رياست يا علائقو ڏنو وڃي ته اڇوتن کي هڪ جاءِ تي گڏ ڪري سگهان ٿو. هن باقائده اڇوستان جو مطالبو نه ڪيو هو.

گانڌي گول ميز ڪانفرنس کان لارڊ مائونٽ بيٽن سان آخري ملاقات تائين اڇوتن جي حقن جي مخالفت ڪندو رهيو. جڏهن 31 جنوري 1948ع کي پونا جي هڪ برهمڻ نٿو رام گوڊسي قتل ڪيو ته امبيڊڪر ان تي ڪوبه بيان نه ڏنو. امبيڊڪر گانڌي کي شري يوت گانڌي، مسٽر گانڌي، ۽ مهاتما جي به سڏيندو هو.آزاد هندوستان ۾ ڪانگريس جي پهرين مرڪزي ڪابينا ۾ پنڊت نهرو وزير اعظم ٿيو، ۽ امبيڊڪر کي قانون جو وزير ڪيو. امبيڊڪر هندوستان جي آئين جو به معمار آهي، ان ڪري کيس سويڌان نرماتا به چيو وڃي ٿو. 27 آڪٽومبر 1951ع تي امبيڊڪر وزارتِ قانون تان مستعفي ٿيو.

امبيڊڪر صاحب جولاءِ 1951ع ۾ ٻڌاسٽ سوسائٽي قائم ڪئي. هن چيو هو ته سندس متو آزادي، برابري ۽ ڀائيچارو آهي، اها سکيا مون کي اُستاد ٻڌ کان ملي آهي. امبيڊڪر ٽي سياسي اصول ٻڌازم جي تري سرناس: ٻڌم، ڌمم، سنگھم مان طئه ڪيا: سولو مطلب هي آهي ته تعليم حاصل ڪريو، جدوجهد هلايو ۽ منظم ٿيو. اڇوتن کي انسانيت کان خارج ڪرڻ جي ردِ عمل ۾ هن  14 آڪٽومبر 1956ع تي ناگپور ۾ ٻڌمت قبول ڪيو. اهو احتجاج جو انوکو عمل هو. ورهاڱي وقت راجائي رياستون موجود هيون. انگريزن جي وفادار راجائن جون رياستون برقرار رکيون ويون. نهرو ۽ اندرا راجائن ۽ مها راجائن جي رياستن ۽ جاگيرن کي گهڻي حد تائين ختم ڪيو. انهن رياستن کي ختم ڪرڻ جو ڪريڊٽ ڪانگريس ڏانهن وڃي ٿو. هاڻ بهار ۽ آسام جهڙين پوئتي پيل رياستن ۾ ڪنهن قدر جاگيرداري آهي. ٻين رياستن ۾ جاگيرداري گهڻي قدر ختم ٿي چڪي آهي. موتي لال نهرو کان پريانڪا تائين خانداني سياسي سلسلو اڃان هلي پيو. هن اليڪشن ۾ ڪانگريس جي پليٽ فارم تي پريانڪا گانڌي کي هندو ۽ مسلمانن جي حمايت حاصل آهي.

امبيڊڪر جو ڪارنامو هندوستان جي اتهاس کي طبقاتي سياسي تناظر ۾ لکڻ آهي. هن هندوستان ۾ نيچ جاتين جي حقن کي قانوني شڪل ڏني ۽ ڇوت ڇات کي ڏوھه قرار ڏنو. مزدورن جي حقن لاءِ وڏي جدوجهد ۽ قانونسازي ڪئي. حقارت انگيز سماجي رجحانن خلاف بغاوت هن جي سياست جو اهم منشور هو.ست ڪروڙ دلتن جي اڳواڻ جو تنها لاش ڪمري ۾ مليو. 6 ڊسمبر 1956ع تي اها خبر پکڙي ڇا ڄڻ ته سَرن کي تيلي لڳي وئي. وزير اعظم نهرو سندس گهر پهتو، ۽ سندس لاش کي سرڪاري خرچ سان بمبئي پهچائڻ جي انتظام جي هدايت ڪيائين. لکين دلت، مزدور ۽ عورتون آخري ديدار لاءِ اوڇانگارن ڏيندي ممبئي پهتا، جتي ٻڌ ڌکشا ورتي وئي، ۽ ٻڌ ڀڪشوئن سندس آخري رسمون ادا ڪيون. اڄ امبيڊڪر جا پيروڪار کيس احترام ۾ باباءِ صاحب چون ٿا، ۽ هڪ ٻئي سان ملڻ وقت رام رام يا نمسڪار بدران جئه ڀيم چوندا آهن.امبيڊڪر صاحب مختلف موقعن تي ڪجھه اهڙو به اظهارِ خيال ڪيو: اسان کي آزادي ۽ لوڪ شاهي گهرجي. حڪومت ڪجھه طئه شده ماڻهن جي هٿن ۾ وڃڻ نه گهرجي. اسان جي سوچ آهي ته سياسي اقتدار ڪاشتڪار ۽ ڪامگار عوام جي هٿن ۾ هئڻ گهرجي. سوراج (آزادي) جي حقيقي معنيٰ اها آهي ته اقليتن جي سهڪار ۽ منشا سان اڪثريت راڄ ڪري. 27 ڊسمبر 1927ع تي دلت عورتن کي خطاب ڪندي هن سوال پڇيو هو ته: برهمڻ يا ٻئي ڪنهن اوچ ذات جي عورت پاران جنم ڏنل ٻارڙي ۽ توهان جي جنم ڏنم ٻارڙي ۾ ڪهڙو فرق آهي؟

 تاريخي طور ڏسجي ته اڇوتن جي جائز مطالبن جي به ڪميونسٽن حمايت نه ڪئي. انڊيا ۾ ڪميونسٽن 1965ع ۾ دلتن جي حقن کي منشور جو حصو ڪيو. هندوستان ۾ اڄڪلھه مائووادي ڪميونسٽ رجحان دلتن جي هر مطالبي جي حمايت ڪري ٿو. بنگلاديش، هندوستان، نيپال ۽ دنيا جي ٻين ملڪن ۾ ليفٽ جي پارٽين آديواسين جي مسئلن کي سياست جي مک ڌارا ۾ شامل ڪري آديواسي سوال تي سياست ڪئي وڃي ٿي. زمان حال ۾ ڀارت ۾ دلت سياست جي بدران بهوجن سياست يا آندولن وڌيڪ اهميت وٺي رهي آهي. بهوجن سماج پارٽي (ماياوتي) يو پي ۾ ڪافي ڀيرا اقتدار ۾ آئي آهي، ۽ انڊيا جي چوٿين وڏي پارٽي آهي. ان پارٽي جو اُترپرديش ۾ به اثر آهي. 2019ع جي اليڪشن ۾ ماياوتي بي جي پي جي فرقيواراڻي سياست تي تنقيد ڪري ٿي.اڄ هندوستان ۾ دلت، بهوجن ۽ آديواسي ميدانِ جدوجهد تي آهن. 1969ع کان اولھه بنگال مان اُٿندڙ نڪسل باڙي تحريڪ به مضبوط آهي،  اهي بي زمين هاري ۽ پورهيت پنهنجا، پهاڙ، ٻيلا، ڍنڍون، درياءَ، چشما ۽ وسيلا بچائڻ لاءِ جدوجهد ڪن ٿا.

ملٽي نيشنل ڪمپنيون اُتي جبلن ۾ باڪسائيٽ ۽ ٻيا وسيلا ڪڍڻ لاءِ مظلوم لوڪ کي دربدر ڪن ٿيون. ڀارتي رياست گرين هنٽ نالي آپريشن ڪري مائووادين کي چٿي ٿي. ڇتيس ڳڙھ، جهاڙ کنڊ، اوڙيسا، لال ڳڙھه، اولھه بنگال، آنڌرا پرديش جا آديواسي محفوظ نه آهن. جنڊال، ٽاٽا، ٽنٽو، ايسار، متل، پوسڪو، ريو، ويدانت وغيره جهڙيون ڪمپنيون سندن ٻنين ۽ وسيلن تي مارو ڪن ٿيون. هندو انتهاپسند تنظيمون جهڙوڪ بجرنگ دل ۽ وشوا هندو پريشد وغيره آديواسي دلتن کي نشانو بڻائي وڳوڙن ۾ قتل ڪن ٿيون، جيڪو وڏو الميو آهي.موجوده وقت ۾ سنڌ ۾ اسپانسرڊ دلت تحريڪ شروع ٿي آهي، جنهن جو هڪ ڪارج مذهبي اقليتن جي وچ ۾ نفرت ۽ نفاق پيدا ڪرڻ آهي. ۽ ٻيو ڪم اين جي اوز جي کلاڙين طرفان فنڊنگ حاصل ڪري ذاتي ملڪيت ۾ اضافو ڪرڻ ۽ دنيا جو سير و تفريح ڪري انجواءِ ڪرڻ آهي. اڄ طبقاتي جدوجهد ۽ سوشلسٽ سماج جو قيام نجات جو اهم رستو ٿي سگهي ٿو. سوال هي آهي ته سنڌ ۾ ليفٽ آديواسي ۽ خانه بدوشن جي سوال کي منشور ۾ شامل ڪري انهن جي حقن لاءِ جدوجهد ڪري ٿي؟ ان مظلوم دراوڙ يا آديواسي سوال کي ڊيل ڪرڻ کانسواءِ سوشلسٽ جدوجهد کي پَڇ ڍائي پگهاردار لبرل مڊل ڪلاس جي عياشي چئجي يا ٻيو ڪجھه؟(پورو ٿيو)

[email protected]