ڀوڳڻو ته عوام کي ئي پوندو

0
194
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

نيٺ اهو ئي ٿيو جنهن جو ڪيترن ڏينهن کان ملڪ ۾ هل هنگامو هو. حڪومتي ڌر هر حال ۾ مني بجيٽ پاس ڪرائڻ جو اعلان ڪري رهي هئي ته مخالف ڌر پنهنجون سموريون ڪوششون انهي کي روڪڻ لاءِ تيز ڪري ڇڏيون هيون. پر نه حڪومت کي پرواهه هئي ته انهي مني بجيٽ پاس ٿيڻ سان عوام تي ڪيترو بار پوندو نه ئي مخالف ڌر کي اونو هو ته جيڪڏهن اها مني بجيٽ پاس ٿي وئي ته عوام جو ڇا ٿيندو.؟ ٻنهي ڌرين بس پنهنجي پنهنجي سياسي فتح لاءِ ڄڻ ته عوام کي قرباني جو ٻڪرو بڻائي ڇڏيو هو. نه حڪومت ان مني بجيٽ ۾ عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ تيار ٿي نه ئي مخالف ڌر پنهنجي سنجيدگي سان انهي مني بجيٽ کي روڪڻ لاءِ ڪي ڪوششون ڪيون بس رڳو بيانن تائين پاڻ کي محدود رکيو.

مني بجيٽ ته پاس ٿي وئي جنهن سان 350 ارب رپين جي ٽئڪس ڇوٽ ختم ٿيندي جيڪا مختلف شين تي حڪومت عوام کي ڏئي ڪجهه رليف مهيا ڪري رهي هئي هاڻي اهي 350 ارب رپيا عوام جي کيسي مان نڪرندا، جنهن جو کيسو اڳ ئي مهانگائي جي طوفان ۽ معيشت جي خراب حالي سبب خالي ٿي چڪو آهي. مٿان وري ساڳئي ڏينهن بجلي جي اگهن ۾ في يونٽ 4 رپين تائين واڌ جو اعلان ڄڻ ته  عوام جي  مٿان ڇپ ٿي ڪريو آهي. عوام تي پوندڙ بار جو اثر ته حڪومتي ڌر ۾ ويٺل ميمبرن به محسوس ڪيو جو ڪالهه پي ٽي آءِ جي پارلياماني پارٽي جي اجلاس جون خبرون ٻاهر آيون ته وڌندڙ مهانگائي سبب حڪومتي ڌر جا ميمبر به اهي دانهون ڪري رهيا هئا ته هو پنهنجي تڪن ۾ ئي نه ٿا وڃي سگهن، جڏهن ته دفاع واري وزير ۽ وزيراعظم ۾ انهي معاملي تي آمهون سامهون اچڻ جون به خبرون ميڊيا جي زينت بڻيل رهيون پر ڇا اهو سڀ ڪجهه هوندي به عوام کي ڪو رليف ملي سگهندو يا هن مني بجيٽ پاس ٿيڻ کانپوءِ عوام کي ويتر نپوڙيو ويندو. اها ڪا عربي فارسي ناهي جو سمجهه ۾ نه اچي سگهي ته هن مني بجيٽ جا عوام تي ڪهڙا اثر پوندا.؟ جڏهن 350 ارب روپين جي ٽئڪس ڇوٽ ختم ڪئي وئي آهي ته انهي جو ٻيو مطلب اهو ٿيو ته هاڻي  اهي پئسا  مختلف شين تي ٽئڪس لڳائي عوام مان ئي وصول ڪياويندا.

اها سڄي صورتحال ٻڌائي پئي ته ويجهڙ  ۾ عوام لاءِ ڪي بهتر ۽ سٺا ڏينهن اچڻ جا ڪي امڪان ناهن. مهانگائي جنهن سطح تي پهتل  آهي انهي جو ڪو حساب ڪتاب ئي ناهي، هڪ مهانگائي اها آهي جيڪا سرڪاري انگن اکرن ۾ آهي ٻي مهانگائي اها آهي جيڪا عوام مارڪيٽ ۾ ڀوڳي ٿو جيڪا نه حڪومت جي قابو ۾ آهي نه ئي وري ڪو انهي مارڪيٽ کان پڇاڻو ڪرڻ وارو آهي جڏهن ته پيٽرول ۽ بجلي جي قيمتن ۾ واڌ سان هر شيءَ جي اگهه کي پاڻمرادو پر لڳي وڃن ٿا ۽ اهي عوام جي خريد جي قوت کان مٿي هليون ٿيون وڃن جنهن ڪري هاڻي عام ماڻهو ۽ خاص ڪري ڏهاڙي تي ڪمائيندڙ مزدور پنهنجي خاندان جي ٻن ويلن جي ماني جو بندوبست ڪرڻ کان به ڄڻ ته لاچار ٿي وياآهن.

اسان سمجهون ٿا ته هن مني بجيٽ سان عوام جي اهنجن ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو جنهن جا ذميوار اهي سياسي اڳواڻ آهن جيڪي حڪومت ۾ به موجود آهن ته مخالف ڌر ۾ به ،ڇاڪاڻ ته عوام انهن کي چونڊي ئي انهي ڪري ٿو ته اهي پارليامينٽ ۾ پهچي عوام جي بهتري لاءِ ڪي پاليسيون جوڙيندا يا انهن پاليسين ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا پر موجوده حڪومت ۽ اپوزيشن کي ڏسي لڳي ٿو ته اهي ٻئي ڌريون پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيون آهن جنهن ڪري  انهي مهانگائي کي ڀوڳڻو رڳو عوام کي پوندو.