جهول: ديا ڀيل جي قتل ۾ ڀوپن جي ملوث هجڻ جو شڪ ظاهر ڪيو پيو وڃي، پوليس ذريعن موجب ڪجهه وقت اڳ ديا ڀيل ڀوپي روپو ڀيل مٿان الزام هنيو هو ته هن سندس مڙس تلوڪو کي تعويذ ڪري ماريو آهي، جنهن بعد ڀوپو علائقو ڇڏي هليو ويو هو، واقعي واري ڏينهن پڻ ڀوپي کي علائقي ۾ ڏٺو ويو هو، ايس ايس پي سانگهڙ چيو آهي ته قتل ڪيس ۾ ڀوپن جي ملوث هجڻ واري امڪان کي رد نٿو ڪري سگهي، ڇو ته جيڪڏهن ڪو عام ماڻهو قتل ڪري ته چهري جي کل ۽ نازڪ عضوا وڍي ڇو کڻي ويندو.