ڀولڙي چيتي کي سبق سيکاري ڇڏيو، وڊيو وائرل

0
545

نئين دهلي (دلچسپ نيوز) ڀولڙي چيتي کي سبق سيکاري ڇڏيو، وڊيو وائرل ٿي وئي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ڀارتي ٻيلي کاتي جي عملدار پراوين انگوسامي هڪ وڊيو شيئر ڪئي جنهن کي ڏسندڙن تمام گهڻو پسند ڪيو آهي ان وڊيو ۾ چيتي کي ڀولڙي جو شڪار ڪرڻ لاءِ ڏسي سگهجي ٿو، ڀولڙو چيتي کان بچڻ لاءِ هڪ وڻ جي ٽاري کي چنبڙي پوي ٿو جڏهن ته چيتو سڪون سان آهستي آهستي اڳيان وڌي ٿو ته حملي جو خطرو محسوس ڪندي ڀولڙو وڏي ڦڙتي سان ٻئي ٽاري تي جمپ هڻي ڇڏي ٿو، ڀولڙي جي جمپ هڻڻ سان وڻ لڏي وڃن ٿا ۽ چيتو پنهنجو توازن برقرار نه رکي هيٺ زمين تي ڪري پوي ٿو. چيتو زمين تي ڪرڻ بعد خطرناڪ آواز ڪڍي پنهنجي ناڪامي ڏسي اڳيان وڌي وڃي ٿو.