ڀوتارڪو نظام، ٽيڪنالاجي ۽ جديد معيشت

0
447
ڀوتارڪو نظام، ٽيڪنالاجي ۽ جديد معيشت

گذريل هفتي سنڌ ٽيڪ ويلي(Sindh tech valley) پاران ڪراچي ۾ سنڌ ٽيڪ ڪانفرنس ڪوٺائي وئي، انهن ئي ڏينهن ۾ ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٻين شهرن ۾ ڀوتارڪي نظام خلاف ڪانفرنسون ڪوٺايون ويون، سنڌ ۾ وڏيرڪي نظام خلاف سياسي ۽ سماجي جدوجهد جي تاريخ ته گهڻي پراڻي آهي جيڪا هر دور ۾ ان ڪري جاري رهندي پئي اچي، جو وڏيرڪو نظام آمريتن توڙي جمهوريتن جي دور ۾ پنهنجا روپ بدلائي سماج مٿان والار برقرار رکيون پيو اچي. ٽيڪنالاجي جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ۽ ميڙاڪا البته سنڌ ۾ معاشي سماجي تبديلي جي حوالي سان هڪ نسبتن نئون بحث آهي.

                 وڏيرڪو نظام رڳو سماجي معاملو نه پر نهايت گهرو سياسي معاملو آهي،  در حقيقت اهو رياستي ڍانچو ئي آهي، جيڪو ان نظام کي سنڌ اندر پنهنجي مفادن جي چوڪيداري لاءِ ڀائيوار طور برقرار رکيون پيو اچي ان عوام دشمن نظام کي آڪسيجن فراهم ڪرڻ لاءِ سياسي انتظامي ۽ سماجي ڍانچي ۾ اها گنجائش هر حالت ۾ برقرار رکي وئي آهي جنهن سان سماج مٿان ان ٽولي جي حاڪميت برقرار رهي جيڪو ملڪ کي پنهنجي لٺ سان هڪليندو رهي ٿو. گهرائي سان جائزو وٺبو ته معلوم ٿيندو ته وڏيرڪي يا عام لفظن ۾ ڀوتارڪي راڄ کي برقرار رکڻ لاءِ اسٽرڪلچرل اڻت جو خاص اهتمام ڪيل آهي ان جا ڪجهه پاسا هن ريت آهن.

گهڻو عرصو مارشلائون لاڳو ڪري ان طبقي کي سڌو سنئون عوام مٿان مڙهيل رکيو، انهن ڏهاڪن ۾ ان طبقي وٽ سڌو سنئون انتظامي ۽ معاشي قبضو هو، جنهن سان عوام ان جو محڪوم رهيو.

چونڊيل حڪومتن وارن ڪنٽرولڊ جمهوريت وارن ورهين ۾ به ان ئي طبقي کي هر پارٽي کان ٽڪيٽون ۽ سيٽون ڏياريون ويون ته جيئن عملي طور حڪمراني ان ئي طبقي وٽ رهي.

ان مقصد لاءِ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون سيٽون لکن جي آبادي جون رکيون ويون آهن ته جئين هيٺين طبقي لاءِ پارليامينٽ ۾ پهچڻ ناممڪن رهي.

ميمبرن جي سوداگيري لاءِ ايترو پئسو هلايو ويو جو هيٺيون طبقو چونڊن جو خرچ ڀرڻ ۽ چونڊ وڙهڻ جو سوچي به نه سگهي ۽ اقتداري ايوان وڏيرڪي طبقي وٽ يرغمال رهن.

مڪاني ادارن کي ڊگهي عرصي تائين غير فعال رکيو ٿو وڃي ته جئين هيٺين سطح تي روزمره جي ڪمن ڪارين لاءِ به عوام ان ئي طبقي جي اوطاقن جو محتاج رهي.

چونڊيل توڙي ۽ اڻ چونڊيل حڪومتن دوران ان طبقي کي عوامي ناڻو لٽڻ جي کلي ڇوٽ ڏني ويندي آهي ته جئين اهو طبقو هميشه دولتمند رهي ۽ بنا پڇاڻي عوامي دولت جو مالڪ بڻيل رهي.

ٻهراڙين ۾ عوامي سهولتن ۽ روزگار جي جديد صنعتي وسيلن کي عام ڪرڻ بجاءَ عوام کي بنا شرطن وارن خيراتي پروگرامن تي هلائي کين محتاج رکي معاشي ۽ ذهني طور مڏو رکيو ويو آهي.

ٻهراڙين ۾ تعليم کي بهتر شڪل اختيار ڪرڻ نه ڏني وئي جنهن سان عام ماڻهو ايترا باشعور ۽ پاڻ ڀرا ٿي وڃن جو اهي وڏيرڪي پنجوڙ مان پاڻ ڇڏائي سگهن.

هيٺين سطح تي اهم انتظامي عهدن تي مقررين ۾ ۽ بدلين ۾ ان وڏيرڪي طبقي کي مڪمل اختيار ڏنو ويو آهي ته جيئن هيٺين سطح تي انتظامي ڍانچو سندن ماتحت رهي ۽ عوام سندن غلام رهي.

ڳوٺن ۾ زرعي معيشت کي جدت ڏئي ان کي صنعت ۾ تبديل نه ڪيو ويو ته جيئن لکين هاري صنعتي ورڪرن جيان منظم ٿي پنهجا حق وٺڻ لاءِ سوچڻ بجاءَ ٻن ويلن جي ماني لاءِ پريشان رهن اهي ان قسم جا ٻيا ڪيترائي اپاءُ ورتا ويا آهن جيڪي سموري انتظامي ۽ معاشي اسٽرڪچرل کي اهو نظام برقرا رکڻ ۽ سگهارو ڪرڻ جي ڪم آڻيندا رهن ٿا.

انهن حوالن مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سنڌ ۾ مروج وڏيرڪو يا ڀوتارڪو نظام در اصل اسٽرڪچرل معاملو آهي، جنهن کي عوام جي ڪا به حمايت حاصل ناهي،درحقيقت ان طبقي کي سرپرستي ڏئي اهڙو ڄار اڻيو ويو آهي جنهن ۾ هر طرز حڪومت ۽ هر پارٽي تي ان ئي طبقي جو قبضو آهي، ان صورتحال ۾ عوام دوست قوتن وٽ ڪهڙا آپشن آهن، اهي چار پنج ڪروڙ ماڻهن کي يرغمال بڻائيندڙ انهن قوتن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪهڙي حڪمت عملي جوڙين.

هونئن ته سياسي جدوجهد وسيلي هيٺين طبقن کي منظم ڪرڻ جو ڪو به متبادل ناهي پر بدقسمتي سان 70 ۽ 80 واري ڏهاڪي جون اهي پارٽيون ۽ قيادتون پنهنجو ڪردار نڀائڻ کانپوءِ عملي طور ختم ٿي چڪيون آهن، هاڻي عوام کي باشعور منظم ۽  متحرڪ ڪرڻ جا نوان پليٽ فارم گهربل آهن، جيڪي نئين طرز جون اڳڀرايون ڪري سگهن، سنڌ جي ننڍن شهرن ۽ ٻهراڙين ۾هن وقت وڏيرڪو طبقو ۽ سندن مقامي مشينري ايتري قدر  قابض آهي جو سندن خلاف ڪڇندڙ ڪو به ماڻهو سندن ڏمر کان بچيل ناهي، ان صورتحال ۾سماج کي وڏيرڪي ڌٻڻ مان ڇڪي ڪڍڻ ڪو معمولي ڪم ناهي، سياسي پارٽين جي اڻ هوند ۽ نوجوانن خاص ڪري شاگردن جا منظم فورم موجود نه هجڻ سبب اها جدوجهد ايتري سولي  ناهي، البته جديد ٽيڪنالاجي ۽ لهه چڙ جي نون ذريعن کان مدد وٺي سگهجي ٿي. هن وقت سوشل ميڊيا هڪ وڏو اوزار آهي، جنهن کي رڳو ورونهن ۽ اجائي بهتان بازي ۾ وڃائڻ بجاءَ ان کي نهايت ذميواراڻي نموني سماجي اٿل پٿل لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو، سنڌ ۾ جتي به جيڪو انياء ٿيندو هجي، ان کي لڳاتار سوشل ميڊيا تان اڀارجي، بند پيل اسڪولن،پٽيل روڊن ۽ ٿاڻن تي ٿيندڙ زيادتين کي لڳاتار پڌرو ڪرڻ سان ان نظام جون ٿوڻيون ڪمزور ٿينديون، ٻيو اهم معاملو قانون جي حڪمراني لاءِ قانوني  وسيلا ڪتب آڻڻ آهي، غير قانوي پوسٽنگس کان وٺي عام ماڻهن جي حقن لاءِ جيڪڏهن عوام دوست وڪيل هر ضلعي ۾ قانوني واهر جون رضاڪاراڻيون خدمتون آڇن ته  ڪيترن ئي ڏاڍن کي للڪاري سگهجي ٿو. وڪيلن جي تنظيمن جو ڄار ملڪي سطح تي پکڙيل آهي ۽ اثرائتو پڻ آهي، جنهن کي عوام جي ڀلائي ۽ وڏيرڪي نظام کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو. ياد رهي ته ٿاڻو، جرڳو ۽ انصاف جا ادارا وڏيرڪي طبقي جا اهم اوزار بڻيل آهن جن کي قانوني برداري منهن ڏئي سگهي ٿي.

 وڏيرڪي نظام جو هڪ ٻيو اهم ٿنڀ سرڪاري نوڪري آهي سنڌي نوجوانن کي اها سُتي پياري وئي آهي ته  زندگي جي  سڀ کان وڏي حاصلات سرڪاري نوڪري آهي سرڪاري  ڪلارڪي ۽ سپاهي جي نوڪري لاءِ نوجوان ورهين تائين وڏيرن جي درن جا ڌڪا کائيندا رهن ٿا، نوجوانن کي اتساهجي ته شهرن ڏانهن نڪرن جتي انيڪ ننڍا ڪاروبار ۽ خانگي نوڪريون موجود آهن، جن لاءِ محنت ۽ اهليت جي ضرورت آهي ۽ وڏيرن جي غلامي نه ٿي ڪرڻي پئي.،ان هڪ تبديلي سان ڪجهه ورهين اندر لکين گهراڻا وڏيرڪي غلامي مان آجپو حاصل ڪري سگهن ٿا.

سنڌ ۾ هٿ وٺي پرائمري کان يونيورسٽي تائين هر سطح تي  تعليم جو ٻيڙو ٻوڙيو ويو آهي ته جئين سماجي اوسر جا رستا بند ڪري سگهجن، نه رڳو رواجي تعليم کي ڌڪ رسايو ويو پر هنري تعليم جا ادارا مڪمل طور ناڪاره بنايا ويا جنهن تي عام طور تي ڳالهه نه ٿي ٿئي، يونيورسٽين ۽ ضلعي ڪيمپسز کي ڀرتين جو ذريعو بنائي انهن کي جديد دور جي گهرجن کان پري ڪيو ويو آهي، اهو نظام جيستائين سڌري تيستائين جيڪي به ماڻهو خرچ ڀرڻ جي سگهه رکن ٿا کين گهرجي ته پنهنجي ٻارن کي پنجاب، اسلام آباد توڙي پرڏيهه جي بهتر تعليمي ادارن ۾ پڙهائن، ساڳي طرح پڙهائي ۾ ڪمزور ٻارن کي زوري ڊگريون  ڏيارڻ بجاءِ کين مارڪيٽ ۾ روزگار جا هنر سيکارين. دنيا جي ڪنهن  به ملڪ ۾ سڀ ٻار يونيورسٽين ۾ ناهن پڙهندا،جديد هنر خانگي شعبي ۾ روزگار جو وڏو ذريعو آهن،نوجوانن کي گهرجي ته نوڪرين جي ڳولا سان گڏ هنرن وسيلي پاڻ ڀرا ٿين ته جيئن اهي ڪٽنب توڙي سماج تي بار نه بنجي رهن، ساڳي وقت سنڌ ۾تعليمي سڌاري لاءِ هر فورم تي جدوجهد جاري رکجي.

وڏيرڪي/ ڀوتارڪي نظام مان جان آجي ڪرائڻ لاءِ جدوجهد ڪندڙن کي اسٽرڪچرل تبديلي جا ميدان آزمائڻا پوندا، تبديلي جو اهو عمل ڊگهو ۽ وروڪڙدار آهي،جيڪو ڊگهي عرصي تائين شڪليون بدلائيندو رهندو، ٽيڪنالاجي ۽ شهري معيشت ان جدوجهد جو اهم ميدان رهندا، ان پسمنظر ۾ڏسجي ته سنڌ ٽيڪ ويلي جهڙا ادارا  اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، ٽيڪنالاجي کي معيشت سان سلهاڙي نئين نسل کي جديد معشيت جا دڳ ڏکيارجن ته جيئن اهي وڏيرڪي محتاجي مان جان آجي ڪرائي سگهن، سنڌکي وڌيڪ سنڌ ٽيڪ ڪانفرنسن ۽ ٽيڪ مرڪزن جي ضرورت آهي.