ڀنڊاڙ محفوظ ٻيلو قرار: سنڌ ڪابينا جو اربع تي اجلاس طلب

0
250

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھه  اربع 2 فيبروري تي سنڌ ڪابينا جو اجلاس گهرائي ورتو، جنهن ۾ صحت کاتي لاءِ گاڏين جي خريداري، ڊي ايچ اوز کانپوءِ وڏين اسپتالن جي  ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ جي 20هين گريڊ جي پوسٽن  کي فلوٽنگ ڪرڻ جي منظوري ورتي ويندي. اجلاس ۾ نئين لهندڙ ڪڻڪ جي خريداري،

مڪاني ادارن جي قانون ۾ ترميم،  ڏنگي ۽ ڀنڊار ٻيٽن کي محفوظ ٻيلا قرار ڏيڻ سميت 12 ايجنڊائن تي غور ڪيو ويندو.