ملتان (م ڊ) وفاقي گهرو وزير رانا ثناءُ الله چيو آهي ته عمران خان جيل ڀريو تحريڪ شروع ڪري، کين انهيءَ  ئي قيد خانن ۾ رکنداسين، جن ۾ هنن اپوزيشن اڳواڻن کي رکيو هو. ملتان ۾ پارٽي جي ڪنونشن کي خطاب ڪندي گهرو وزير چيو ته عمران خان کي جيل ۾ کائڻ پيئڻ جي هر شئي ڏينداسين پر هڪ اُها هڪ شئي نه ڏينداسين ته جنهن کانسواءِ عمران خان جو گذاريو ممڪن نه آهي. هن چيو ته ڀلي جيل ڀريو تحريڪ شروع ڪيو، اوهان جو علاج مان ڪندس، هي 25 مئي تي اسلام آباد بند ڪرڻ اچي رهيا هئا، هنن سان جيڪو ٿيو اِهو اوهان کي ياد هئڻ گهرجي ۽ جيڪو 26 هين نومبر تي اوهان سان ٿيو اِهو به نه وسارڻ گهرجي. هن چيو ته اسان اليڪشن کان ڊڄون نه ٿا، اليڪشن کٽي ايندڙ حڪومت ٺاهينداسين، ملڪ ۾ مهانگائي آهي پر سوال آهي ته ملڪ هن حالتن ۾ ڪيئن پهتو؟ پاڪستان ايٽي طاقت ان وقت بڻيو، جڏهن ايٽمي ڌماڪا ٿيا، اڄ پاڪستان موجود ۽ قائم آهي ته انجو ڪارڻ ايٽمي طاقت آهي.