ڏهرڪي (رپورٽ: اعظم سهرياڻي) ڀرچونڊي پيرن وچ ۾ پلاٽ جي مالڪيءَ تان تڪرار تيز، ڀرچونڊي جي گادي نشين جي گاڏيءَ  مٿان فائرنگ، ڀرچونڊي پير جي مڇريل مريدن تڪراري پلاٽ تي اڏيل ڪوٽ ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو، پوليس ڀرچونڊي پير ميان اجو کي گرفتار ڪري ورتو. خبر موجب درگاهه ڀرچونڊي شريف جي گادي نشين پير عبدالخالق قادري ۽ ويڳن ڀائرن ميان اجو ۽ ميان ذوالفقار وچ ۾ پلاٽ جي مالڪيءَ تان تڪرار تيز ٿي ويو آھي. ڪجهه ڏينهن اڳ ميان اجو پنهنجي گهر ڀرسان هڪ پلاٽ تي ڪوٽ ٺهرايو ته گادي نشين پير عبدالخالق قادري اعتراض واري ڪم بند ڪرائي ڇڏيو. بعد ۾ ڌريون فيصلي لاءِ به راضي ٿي ويون هيون. گذريل ڏينهن گادي نشين پير عبدالخالق قادري جي گاڏيءَ مٿان مبينا فائرنگ ڪئي ويئي. ان سلسلي ۾ پير عبدالخالق قادري جو چوڻ آهي ته منهنجي گاڏيءَ مٿان ويڳن  ڀائرن  ميان اجو ۽ ميان ذوالفقار فائرنگ ڪئي. هن چيو ته پلاٽ درگاه جو آھي. معاملي جي نبيري لاءِ ڳالهيون رکيل هيون ته پوءِ فائرنگ ڇو ڪئي ويئي. ڌرين ۾ ڇڪتاڻ کان پوءِ ڏهرڪي پوليس ڀرچونڊي پهچي الزام هيٺ آيل ميان اجو کي گرفتار ڪري ورتو. پير عبدالخالق مٿان فائرنگ جو ٻڌي سوين مريد ڀرچونڊي پهچي ويا. ان دوران مڇريل ماڻهن تڪراري پلاٽ تي اڏيل ڪوٽ واري ديوار ڊاهي پٽ ڪري ڇڏي.. هوڏانهن فائرنگ جي الزام هيٺ آيل ميان اجو ۽ ميان ذوالفقار فائرنگ جي الزام کي رد ڪندي چيو ته گادي نشين پير عبدالخالق ۽ اسان هڪ پيءُ جا پٽ آھيون، ڇا اسان کي گهر لاءِ پلاٽ رکڻ حق ناهي؟ هن چيو ته مون پير عبدالخالق کي چيو ميان اجو کي گهر ٺاهڻ جيترو پلاٽ ڏيو پر هن کتو جواب ڏئي ڇڏيو. ميان اجو جي گهر جي ديوار به ڊاهي پٽ ڪئي ويئي آھي. پوليس جي زور تي ناانصافي ڪئي پيئي وڃي. هوڏانهن آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو. جڏهن ته ٻنهي ڌرين ۾ سرچاءُ جي ڪوششن باوجود ڇڪتاڻ برقرار هئي.