ڀرياروڊ (ن پ ا) تازين برساتن بعد گذريل ھڪ مھيني کان ڀرياروڊ ۽ پڊعيدن ريلوي ٽريڪ پاڻي ۾ ٻڏل ھجڻ سبب بند ھئي، جنهن کي جزوي طور بحال ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پھرين آڪٽوبر کان مڪمل طور بحال ٿي ويندو، پاڪستان ريلوي موجب سنڌ ۾ ڀرياروڊ ۽ پڊعيدن سيڪشن ٽريڪ جي بحالي جو ڪم 24 ڪلاڪ تيزي سان جاري آهي، جڏهن ته ڪراچي کان لاھور ويندڙ اپ ٽريڪ تي پاڻي جي سطح گھٽ ٿي آهي، جنهن بعد مال بردار گاڏيون جزوي طور بحال ڪيون ويون آهن، اختيارين موجب ٽريڪ کي جاچڻ لاءِ پاڻي مان ٻن انجڻين کي استعمال ڪندي مال گاڏين کي گذاريو پيو وڃي، جڏهن ته لاھور کان ڪراچي ويندڙ ڊائون ٽريڪ بدستور پاڻي ۾ ٻڏل آهي.