ڀرياسٽي (رپورٽ: آفتاب ڪيريو) ڀريا سٽي ۾ واھر نه ٿيڻ خلاف 50 کان وڌيڪ ڳوٺن جي سوين متاثرن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، جنهن ڪري ڪنڊيارو روڊ تي ٽريفڪ معطل ٿي وئي، ان موقعي تي سجاد امداد ميمڻ، عابد راجپوت، وحيد قادري، شمن سولنگي ۽ ٻين چيو ته برسات کي ختم ٿئي مھينو گذري ويو آھي پر انتظاميا اڃا تائين ڳوٺن توڙي شھرن مان برساتي پاڻي نيڪال ناھي ڪرايو، جنھن سبب مڇرن جو آزار وڌي ويو آھي، هنن چيو ته گندگي سبب بيمارين ۾ ماڻھو مري رھيا آھن پر ڪير به نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار ناهي، هنن الزام هنيو ته انتظاميا راشن سميت ٽينٽ ۽ ٻيو سامان متاثرن کي ڏيڻ بدران رڳو من پسند ماڻھن کي ڏئي رهي آهي، ھنن  چيو ته تڪ جو پ پ ايم پي اي مراد علي شاهه برسات کان پوءِ گم آھي، سندس ووٽر بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن پر هو گهر ۾ آرامي آهي، هنن مطالبو ڪيو ته نا اھل انتظاميا کي فورن ھٽائي ڳوٺن مان برساتي پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي ۽ متاثرن جي واهر ڪئي وڃي،