ڀريا روڊ ۾ سيپڪو عملدارن جي لاپرواهي شهرين جي زندگين کي داءُ تي لڳائي ڇڏيو

0
250

ڀريا روڊ (ن پ ا) ڀريا روڊ ۾ سيپڪو عملدارن جي لاپرواهي شهرين جي زندگين کي داءُ تي لڳائي ڇڏيو، گلبرگ ڪالوني ۾ اڏاوتي ڪم دوران عمارت جي ڀِت ڪرڻ سبب 11 هزار وولٽيج جا 2 پول ڪري پيا، اطلاع باوجود سيپڪو عملدارن پولز کي سِڌو نه بيهاريو، ماڻهو ڪري پيل پولز هيٺان گذرڻ تي مجبور، رهواسين جو چوڻ آهي ته سيپڪو عملدارن جي لاپرواهي سبب ڪو به نقصان ٿي سگهي ٿو، ڪري پيل پولز سِڌا ڪري شهرين ۾ خوف ختم ڪيو وڃي.