ڀرياروڊ (ن پ ا) ايس ايس پي نوشھروفيروز الطاف حسين لغاري جي ھدايت تي نوشھروفيروز ضلعي ۾ ڏوھاري ماڻهن خلاف ڪارروائين جو سلسلو جاري آهي. ان سلسلي ۾ ڀرياروڊ پوليس ڪارروائي ڪندي منشيات فروشن کي ھيروئن سميت گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي گرفتار ٿيلن ۾ ڀرياروڊ جي رھواسي وقار مغل جي قبضي مان 32 پڙيون ھيروئن ھٿ ڪري ناڪوو ٽيڪس ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري ورتو آهي.