ڀريا روڊ ويجهو عورت پاران مبينا آپگهات، قتل جو شڪ

0
199

ڀريا روڊ (ن پ ا) ڀريا روڊ ويجهو مبينا طور عورت آپگهات ڪري ڇڏيو، وارثن قتل جو شڪ ظاهر ڪيو آهي، ڳوٺ عثمان ڳاهيجو ۾ مسمات ارشاد ڳاهيجو گهرو اڻبڻت تان زهريلي دوا پي آپگهات ڪيو، سندس والد محرم جو چوڻ آهي ته نياڻي کي قتل ڪري آپگهات جو ناٽڪ ڪيو ويو، شفاف جاچ ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي، واقعي جي اطلاع تي پوليس پهچي لاش اسپتال منتقل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي.