ڀرياسٽي (ن پ ا) ڀرياسٽي جي عدالت ڪوڙا چيڪ ڏيڻ جي ٻن ڌار ڌار ڪيسن ۾ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ٻن جوابدارن کي ٻه ٻه سال سزا ٻڌائي ڇڏي، عدالت ڪوڙي چيڪ وسيلي فراڊ ڪرڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ٻن جوابدارن مٺل لاکي ۽ نديم سولنگي کي 2 – 2 / سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي، وڪيل ٻڌايو ته ڳوٺاڻي نويد لاکو  ۽ نجما سولنگي پاران ڀرياسٽي جي عدالت ۾ ڪوڙو چيڪ ڏيڻ سميت فراڊ جي درخواست تي سيڪنڊ سول جج جي عدالت جوابدارن کي سزا ٻڌائي.