ڀرياسٽي (ن پ ا) ڀرياسٽي ۾ نادرا عملي جي مبينا زيادتين خلاف شهرين احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي ذوالفقار سولنگي، نياز مري، جمال سولنگي ۽ ٻين چيو ته نادرا عملي پاران صبح جو ساڍي 9 وڳي ٽوڪن بند ڪيا ٿا وڃن، جنھن سبب ڏورانهن علائقن کان آيل ماڻهو مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن، هنن چيو ته سوير اچڻ باوجوود گذريل پنجن ڏينھن کان دربدر آھيون پر ٽوڪن ناهي ملي سگهيو، ھنن الزام ھڻندي چيو ته نادرا عملي ايجنٽ بيھاري رشوت عيوض ٽوڪن ڏئي رهيو آهي، جنهن جو نوٽيس ورتو وڃي، هنن مطالبو ڪيو ته نادرا عملي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.