ڀرياسٽي ( ن پ ا) ڀريا سٽي ٽائون ڪاميٽي جي وارڊ 2 جي جنرل ڪائونسلر جي اميدوار ارشاد راجپوت جي والد غلام سرور راجپوت پي ٽي آءِ اڳواڻ سجاد امداد ميمڻ سان گڏ هتي دانهيندي الزام هنيو ته ٽائون ڪاميٽي جو اڳوڻو وائيس چيئرمين اڪرم راجپوت پ پ ايم پي اي سيد مراد علي شاھ جو نياپو کڻي آيو، جنهن اچڻ شرط هراسان ڪيو ۽ پٽ پي ٽي آءِ جي اميدوار ارشاد راجپوت کي  هٿ کڻائڻ جو چيو، هن چيو ته صبح جو دڪان کوليو ته دڪان ٻاھران پيل فرج ٽوڙي سمورو سامان چوري ڪيو ويو هو، هن چيو ته اھڙي اين سي ڀريا سٽي ٿاڻي تي پڻ داخل ڪرائي آھي پر پوليس ڪا به ڪارروائي ناهي ڪئي، هن مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي تدارڪ ڪيو وڃي،