ڀرياسٽي: ڳوٺ ڪانڊيرو ڪيريو ۾ باهه، 9 پورهيتن جا گهر سڙي ويا

0
139
ڀرياسٽي: ڳوٺ ڪانڊيرو

ڀرياسٽي (ن پ ا)  ڳوٺ ڪانڊيرو ڪيريو ۾ باهه، 9 پورهيتن جا گهر سڙي ويا، ڀرياسٽي ويجهو ڳوٺ ڪانڊيرو ڪيريو  ۾ باهه لڳڻ سبب 9 پورهيتن  جا گهر سڙي ويا

باهه لڳڻ سبب محمد صديق، محمد ثمين، عظيم، بشير، حنيف، عبدالغفور  ڪيريو ۽ ٻين جا گهر سڙي رک ٿي ويا، باهه سبب لکين روپين  جو سامان، اناج سڙي رک، 8 ڍور  به سڙي مري ويا

اطلاع تي فائربرگيڊ عملي4  گاڏين سميت پهچي باهه تي ضابطو  آڻي ورتو، متاثرن پاران واهر جي اپيل ڪئي وئي آھي