ڀرياسٽي: ڀِت ڪِرڻ سبب معصوم نينگري دٻجي فوت، 2 ٻارڙا زخمي

0
106
ڀرياسٽي: ڀِت ڪِرڻ

ڀرياسٽي (ن پ ا) ڀرياسٽي ويجھو گهر جي ڀِت ڪِرڻ سبب معصوم نينگري دٻجي فوت،  2ٻارڙا سخت زخمي ٿي پيا، ڳوٺ علي رتو ڀٽي ۾ ڀِت ڪِرڻ سبب7  ورهين جي جميلان ڌيءَ محمد عليم ڀٽي دٻجي فوت ٿي وئي، گهر ۾ ڪهرام مچي ويو

ڀِت ڪِرڻ سبب 5ورهين جو شاڪر پٽ  محمد علي ڀٽي ۽ 3 ورهين جي رشيدان  ڌيءَ شوڪت ڀٽي زخمي ٿي پيا، کين اسپتال منتقل ڪيو ويو