ڀرياسٽي (ن پ ا ) ٽائون ڪاميٽي ڀرياسٽي جي ملازمن اي سي ڀريا جي آفيس آڏو وڌايل پگھارون ۽ الائونس نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو، ان موقعي تي فضل جوڻيجو، نثار احمد ٻاٽ، خليل سولنگي، فھد جلباڻي، مدد علي اڄڻ ۽ ٻين ٻڌايو ته عدالت جي حڪم باوجود اسان کي رھيل پگھارون ۽ الائونس نٿا ڏنا وڃن، ھنن چيو ته اسان ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آھيون پر آفيسر اسان سان ڪو به سهڪار ڪرڻ لاءِ تيار ناھن، ملازمن مطالبو ڪيو ته سندن رھيل پگھارون ۽ الائونسز جاري ڪري مسئلا حل ڪيا وڃن.