ڀرياسٽي (ن پ ا) ڀرياسٽي ويجهو ارڙي ءَ جي بيماري وبائي صورت اختيار ڪري وئي، ارڙي جي بيماري سبب ٻارڙي فوت، 15 معصوم ٻار بيماري ۾ مبتلا. ڀريا سٽي جي ڳوٺ عثمان سولنگي ۾ ارڙيءَ جي بيماري وبائي صورت اختيار ڪري ورتي، جنھن سبب 7 ورھين جي ٻارڙي اسما ڌيءُ شھباز سولنگي ارڙي وگهي فوت ٿي وئي. جڏھن ته ڳوٺ اندر 15 کان مٿي ٻيا ٻارڙا پڻ وبائي بيماري ۾ ورتل آهن. ارڙي جي موذي مرض سبب بيمار ٻارڙن جو گهرن جي اندر ڪوبه مناسب علاج نه ٿيڻ سبب گهرن اندر بنا علاج جي پيل آهن، ارڙي جي بيماري ۾ مبتلا ٻارڙن ۾ شھريار علي، بسمه، سومل، تسليم، دعا، ماھين، سڪندر علي، شوڪت علي، رب نواز، تھمينا، مختيار، سجاد ۽ مائرا سميت ٻيا ٻارڙا شامل آهن. ان سلسلي ۾ متاثر ڳوٺاڻن جمن سولنگي شھباز علي ۽ رب نواز سولنگي گهر ڪئي آهي ته جلد صحت کاتي جون ٽيمون موڪلي ارڙي جي مرض تي ضابطو آڻي انساني جانيون بچايون وڃن.