ڀرياسٽي (ن پ ا) ڀرياسٽي ڀرسان روھڙي ڪينال مان تازي ڄاول ٻارڙي جو لاش ھٿ آيو، لاش کي لڙھندي ڏسي اتي موجود ماڻهن ڀرياسٽي پوليس کي اهڙو اطلاع ڏنو جنهن تي پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي ضروري ڪارروائي لاءِ ڀرياسٽي اسپتال پھچايو جتان ٻارڙي جي لاش کي ٽائون ڪاميٽي انتظاميا حوالي ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ ڊيوٽي تي موجود ڊاڪٽر ٻڌايو ته ٻارڙي جو لاش ٻه ڏينھن پراڻو آھي، ٻئي پاسي ٽائون انتظاميا تازو ڄاول ٻارڙي جي لاش کي لاوارث قرار ڏيندي دفنائي ڇڏيو.