ڪراچي (نمائندن وٽان) ميرپور ٻرڙو ڀرسان ڳوٺ غازي خان چنا ۾ ناديا ڌيءَ شبير ماڇي گيسٽرو سبب فوت ٿي وئي، جڏھن ته سندس ٻيا گھر ڀاتي 8 سال جي سونيا، 3 سال جو سھيل احمد، محمد ملوڪ ماڇي، طارق ماڇي گيسٽرو ۾ مبتلا آھن.ڀرياسٽي ۾ ٻن ڀينرن سميت 3 ٻارڙا فوت، ڳوٺ جاڙو سولنگي ۾ 8 سالن جو ٻارڙو عاقب سولنگي فوت ٿي ويو، جڏهن ته ڳوٺ حبيب الله بروهي ۾ 4 ورهين جي عليمه ۽ سندس اڍائي ورهين جي ڀيڻ  وجيهه بروھي  گيسٽرو وگھي فوت ٿي ويون، جڏهن ته ڳوٺن ۾ 40 کان وڌيڪ ٻارڙا مرد ۽ عورتون مرض  ۾ مبتلا آهن.   ٺاروشاھ جي ڳوٺ صادق اڄڻ ۾ ھڪ سال جي نينگري مومل ڌيءُ قمر اڄڻ ۽ ڳوٺ گل محمد ڌونئرو ۾ 2 سال جي نينگري فاطمه ڌيءُ علي شير سولنگي گيسٽرو وگهي فوت ٿي ويون. جڏهن ته ڪيترائي ٻارڙا گيسٽرو ۾ مبتلا آهن.خيرپور ۾ گيسٽرو جي مرض تي ضابطو اچي نه سگهيو، گذريل 24 ڪلاڪن دوران خيرپور ۽ ان جي آس پاس وارن علائقن مان گيسٽرو ۾ مبتلا وڌيڪ 72 ٻارڙن کي سٽي اسپتال خيرپور ۾ داخل ڪرايو ويو. گذريل 24 ڪلاڪن اندر گيسٽرو جي مرض سبب اسپتال داخل ڪيل ٻارڙن ۾  وزير، فرحان، شايان، رحيم بخش، عامر، راجا، مسڪين، امان الله، ڪوثر، علي رضا، عروا بتول ۽ ٻيا شامل آهن.  دولتپور صفن ويجھو ڳوٺ محمود ڪلوئي ۾ 4  ورهين جي مارئي بوزدار،  2 ورهين جو عاشق حسين بوذدارسميت 10 کان وڌيڪ ٻارڙا گيسٽرو جي مرض ۾ وٺجي ويا آهن.  باقراڻي تعلقي ۾ خير محمد آريجا، ڳيريلو ، رشيد وڳڻ ، قلندرآباد ، مڏباھو ، محمد حيات بروهي، گنجا تنيا، خميسو خان خاراني، گل محمد تنيو، حسين آباد، دولت کوکر، رسول بخش ڀاڳت، ابو صمد تنيو، محراب سنديلو ، پراڻو آباد ،مجاور لاشاري ۽ ٻين ڳوٺن ۾ ٻارڙن سميت عورتون توڙي مرد گيسٽرو بيماري ۾ مبتلا ٿي ويا آهن، ٽن ڏينهن اندر 100 هڪ سئو کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿيا آهن،