ڀرياروڊ (ن پ ا) ڀرياروڊ لڳ ڳوٺ غلام حسين ھيسباڻي، ڳوٺ الله داد ھيسباڻي ۽ ٻين ڳوٺن مان برساتي پاڻي نيڪال نه ڪرڻ خلاف ڳوٺاڻن احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي وقار ھيسباڻي، برڪت ھيسباڻي، علي بخش ھيسباڻي ۽ ٻين چيو ته برسات کي مهينو ٿي ويو آهي پر ضلعي انتظاميا برساتي پاڻي نيڪال ناھي ڪرايو، هنن مطالبو ڪيو ته پاڻي نيڪال ڪرائي مسئلو حل ڪيو وڃي،